چيني اختيارين”قرآن پاڪ “جي وڏي ايپلي ڪيشن بند ڪرائي ڇڏي

ايپل ڪمپني چين ۾ پنهنجي مشهور ترين قرآن ايپلي ڪيشن کي بند ڪري ڇڏيو.

برطانوي ميڊيا موجب ايپل جو چوڻ آهي ته انهن چيني اختيارين جي درخواست تي قرآن ايپلي ڪيشن کي چين ۾ بند ڪري ڇڏيو.

ميڊيا جو چوڻ آهي ته ان معاملي تي چيني حڪومت طرفان رد عمل جي اظهار کان به پاسو ڪيو ويو آهي.

سڄي دنيا ۾ ايپلي ڪيشنز ۽ ايپل ايپ اسٽور جي مانيٽرنگ ڪرڻ واري ويب سائيٽ ايپل سينسرشپ سڀ کان اڳ ايپلي ڪيشن ڊليٽ ٿيڻ کي نوٽ ڪيو.

ان سلسلي ۾ ايپلي ڪيشن ٺاهڻ واري ڪمپني جو چوڻ آهي ته ايپل موجب هن چين ۾ پنهنجي ايپ اسٽور مان قرآن مجيد جي ايپلي ڪيشن کي هٽائي ڇڏيو آهي ۽ ان جو سبب ان ۾ شامل مواد آهي جنهن تي چيني اختيارين کي ڊاڪيومينٽيشن گهربل آهن.

سڄي دنيا ۾ ايپل اسٽور تي قرآن مجيد جي ايپلي ڪيشن موجود آهي جنهن کي سڄي دنيا ۾ ڪروڙين جي انگ ۾ مسلمان استعمال ڪن ٿا پر چين اختيارين چين ۾ قرآن پاڪ جي مشهور ايپ کي بند ڪرائي ڇڏيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.