خبردار! گوگل تي ڪهڙيون شيون سرچ ڪرڻ مسئلا پيدا ڪري سگهي ٿو؟

گوگل هڪ اهڙي جاءِ آهي ته جتي هر روز ۽ هر وقت ڪو نه ڪو ماڻهو ڪجهه نه ڪجهه سرچ ڪري رهيو آهي.

گوگل تي شيون سرچ ڪرڻ ۽ نين شين بابت گهر ويٺي ڄاڻ حاصل ڪرڻ تمام سولي ڳالهه آهي پر جيڪڏهن گوگل نه هجي ته زندگي به ڏکي بڻجي سگهي ٿي.

تنهن هوندي به ڪجهه شيون اهڙيون آهن جيڪي گوگل تي سرچ ڪرڻ روڪيل آهن ڇو ته انهن جا اثر غلط پوندا آهن.

جيڪڏهن توهان به گوگل استعمال ڪندا آهيو يا ڪڏهن ڪڏهن ڪجهه ڳوليندا آهيو ته انهن جي باري ۾ ضرور پڙهو.

1.    مصنوعات شين جي پائيداري

جيڪڏهن توهان ڪنهن مخصوص شيءِ جي حوالي سان ڄاڻڻ چاهيو ٿا جيڪا توهان جي چمڙي، هاضمي يا ڪنهن به معاملي جي لاءِ بهتر آهي يا ناهي پر توهان کي گوگل تي ان جو جواب ”ها“ ۾ ئي ملندو ۽ ”نه“ ۾ به ملندو. مطلب ته توهان جي لاءِ گوگل صحيح شين کي غلط ۽ غلط شين کي صحيح چئي سگهي ٿو.

ان جي ڪري بهتر آهي ته ان معاملي ۾ ڪنهن ماهر کان مشورو ڪيو.

2.    جيت

جيڪڏهن توهان کي جيتن جي باري ۾ ڪجهه سرچ ڪرڻو آهي ته مخصوص جملا استعمال ڪيو ڇو ته اهڙي ريت اهڙيون شيون به سامهون اچي وينديون جيڪي توهان جي ذهني صحت کي متاثر ڪري سگهن ٿيون.

3.    پنهنجو نالو سرچ ڪرڻ

جيڪڏهن توهان پنهنجو نالو گوگل تي سرچ ڪندئو ته گهڻا امڪان آهن ته ڪجهه ناخوشگوار سامهون اچي وڃي، توهان جو ڪجهه خراب تصويرون، ماضي جي معلومات، غير مناسب مواد وغيره ڇو ته اهو مواد يا تصويرون ڊليٽ ڪرڻ توهان جي لاءِ ممڪن ناهي انڪري پنهنجو نالو سرچ ڪرڻ کان گريز ڪيو ته پريشاني کان بچي ويندا.

4.    سگريٽ واپرائيندڙن جا ڦڦڙ

انٽرنيٽ تمام واپرائڻ جي عادي ماڻهن جي بيمار ڦڦڙن جي تصويرن سان ڀري پئي آهي، جيڪا ٿي سگهي ٿو ته توهان کي گهڻو پريشان ڪري ۽ توهان جي لاءِ اڻوڻندڙ هجي.

5.    ٽرانسليشن

گوگل جي ذريعي جيڪو ترجمو توهان جي اڳيان ايندو اهو شرمندگي جو سبب به بڻجي سگهي ٿو ڇو ته جملي جو مطلب ڇا مان ڇا ٿي ويندو توهان کي خبر ئي نه پوندي.

6.    چمڙي جا مرض

جيڪڏهن چهري تي ڪو داڻو يا داغ هجي ته گوگل سرچ نه ڪيو، ائين ڪرڻ سان توهان جي اڳيان ايتري ته معلومات اچي ويندي ۽ تصويرون اچي وينديون جيڪي توهان کي لوڏي سگهن ٿيون.

7.    بيمارين جي حوالي سان ڄاڻ

پنهنجي مرض جي علامتن کي انٽرنيٽ تي سرچ ڪرڻ سان ذهن تي ڌچڪو پهچي سگهي ٿو، اڃا به بدترين ۽ وڏي بي چيني جو سبب بڻجي سگهي ٿو، انڪري بهتر آهي ته ڪنهن ماهر سان رابطو ڪيو يا ماهر ويب سائيٽ تي وڃو.

8.    ڏوهه بابت ڄاڻ

اهو گهڻو سنگين به ٿي سگهي ٿو، مثال طور توهان گوگل تي سرچ ڪيو ته ڪو هٿيار ڪيئن ٺهندو آهي وغيره، ڀلي اهو توهان شوق يا واندڪائي جي لاءِ ئي ڪيو، پر مختلف ملڪن ۾ سيڪيورٽي ادارا اهڙي قسم جي ٿيندڙ سرچ کي چيڪ ۽ ٽريس ڪندا رهندا آهن ۽ توهان جي آءِ پي ايڊريس انهن جي ڊيٽابيس ۾ وڃي سگهي ٿي .

جيڪڏهن توهان اهڙي قسم جون شيون سرچ ڪندا آهيو يا سرچ ڪرڻ جو سوچي رهيا آهيو ته فوري طور تي رڪجي وڃو ٻئي صورت ۾ توهان پنهنجا ذميوار پاڻ هوندا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.