ايم ڪيو ايم پاران ڪارڪنن کي ڏکڻ سنڌ صوبو حاصل ڪرڻ لاءِ جدوجهد تيز ڪرڻ جو حڪم

متحده قومي موومينٽ پاڪستان جي اڳواڻن وقت جي تقاضا ڪري رهيو آهي ته مهاجر قوم جو ڪيس سموري صلاحيت ۽ توانائي سان وڙهيو وڃي ۽ ڏکڻ سنڌ صوبي جي جدوجهد کي تيز ڪيو وڃي.

ڪراچي جي مختلف ٽائونز ۾ ڪارڪنن جي اجلاس کي خطاب ڪندي فيصل سبزواري ۽ ٻين چيو ته حيدرآباد ۾ يونيورسٽي قائم ڪرڻ، نئين سر آدمشماري جو فيصلو ڪرائي رڳو 7 ووٽن جي بنياد تي ڪاميابي حاصل ڪئي آهي انهن ڪاميابين کان عوام کي آگاهه ڪرڻ جي ضرورت آهي.

هنن چيو ته  ايم ڪيو ايم پاڪستان جا اهي مخالف جن کي عوام رد ڪري ڇڏيو آهي ۽ انهن جي گھر جا ماڻهو به کين ووٽ ناهن ڏيندا اهي ايم ڪيو ايم تي آڱريون کڻي رهيا آهن.

سندن چوڻ هو ته جي تقاضا ڪري رهيو آهي ته مهاجر قوم جو ڪيس سموري صلاحيت ۽ توانائي سان وڙهيو وڃي ۽ ڏکڻ سنڌ صوبي جي جدوجهد کي تيز ڪيو وڃي.

ايم ڪيو ايم اڳواڻن جو چوڻ هو ته پاڪستان جي حفاظت ۽ ترقي اوهان نوجوانن جي ڪلهن تي آهي پنهنجي توانائي ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ وقف ڪيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.