”جلسي ۾ لکين ماڻهو شرڪت ڪندا، ٻڌائينداسين ته سليڪٽڊ جو وقت پورو ٿي ويو آهي“

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ جي مرڪزي سيڪريٽري اطلاعات شازيا مري چيو آهي 17 آڪٽوبر تي ٻڌائينداسين ته سليڪٽڊ وزيراعظم جو وقت پورو ٿي ويو آهي، جلسي ۾ لکين ماڻهو شرڪت ڪندا.

شازيا مري، وقار مهدي، عاجز ڌامراهه، سسئي پليجو ۽ ٻين 17 آڪٽوبر تي جلسي جي سلسلي ۾ جناح باغ جو دورو ڪيو.

ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي شازيا مري چيو ته پ پ 17 آڪٽوبر تي جناح باغ ۾ جلسو ڪندي، ڪارساز سانحي جي حوالي سان جلسو ڪيو پيو وڃي، لکين ماڻهو شرڪت ڪندا، پ پ چيئرمين جو جلسي جو بيانيو عوام جو بيانيو هوندو.

هن چيو ته نااهل حڪومت عوام تي قابض آهي، نه ڊالر جي خبر آهي ۽ نه پيٽرول جي ته ڪڏهن وڌي ويندو، اسان روز نئين بريڪنگ نيوز ٻڌندا آهيون.

سندس چوڻ هو ته جهڙي ريت طالبان کي معاف ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو، ان تي هر پاڪستاني حيران آهي، پاڪستاني دهشتگردي جو مقابلو ڪندا رهيا، افغانستان جو وڏو مسئلو سامهون آهي.

شازيا مري چيو مون کي ناهي خبر ته هن وقت سنڌ اسيمبلي اسپيڪر ڪٿي آهي پر نيب جي احتساب جو معيار ڪهڙو آهي؟ نيب کي کليل ڇوٽ ڏني وئي آهي پر بي آر ٽي، کنڊ اسڪينڊل ۽ دوائن جي اسڪينڊل تي نيب چُپ آهي، رليف پنهنجي وزيرن کي ڏنو ويو آهي، سڀ ٽوپي ڊرامو آهي.

هن چيو ته سوکڙين جا تفصيل لڪايا پيا وڃن، عمران خان کي ڪهڙيون سوکڙيون مليون قوم ڄاڻي ٿي، صدر جي آفيس آرڊيننس فيڪٽري آهي، پ پ چيئرمين چئي چڪو آهي ته ملڪ جادو ٽوڻي سان ناهي هلندو، بلاول ڀٽو زرداري عوام جي ڳالهه ڪندو آهي، عمران خان کي اپوزيشن جي ضرورت ناهي، کيس پنهنجا ئي ماڻهو ڪيرائڻ چاهين ٿا.

پ پ اڳواڻ چيو ته آءِ ايس آءِ چيف جي مقرري تي به انهن ڪجهه نه ڪيو، اهي ادارن کي تڪراري بڻائي رهيا آهن، آئين اندر طريقي ڪار موجود آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.