دنيا ۾ بُک جو مسئلو وڌي ويو، ڏکڻ ايشيائي ملڪ سخت متاثر

 

برلن (ويب ڊيسڪ) مختلف بحرانن سبب دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ ڪروڙين انسان بک جهڙن مسئلي کي منهن ڏيندا آهن، جڏهن ته هاڻ عالمي سطح تي بُک جي حوالي سان هڪ اداري ڇرڪائيندڙ انگ اکر سامهون آڻي ڇڏيا آهن.

عالمي سطح تي بُک جي خاتمي لاءِ پتوڙيندڙ جرمن تنظيم ”ويلٽ هنگر هلفي“ جي هلندڙ سال جاري ڪيل انڊيڪس ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته هن وقت سڄي دنيا ۾ تقريبن هڪ ارب انسان بُک جي مسئلي کي منهن ڏئي رهيا آهن.

انڊيڪس موجب عالمي سطح تي 800 ملين کان وڌيڪ انسان بُک جي مسئلي کي منهن ڏئي رهيا آهن، جن مان 41 ملين لاءِ ويجهي مستقبل ۾ بحراني صورتحال پيدا ٿي سگهي ٿي.

ان ڏس ۾ ورلڊ هنگر هيلپ جي سيڪريٽري جنرل ماٿياس موگي جو چوڻ هو ته گذريل سالن ۾ دنيا ۾ بُک جي مسئلي ۾ گهٽتائي آئي هئي پر هاڻ اهو مسئلو ٻيهر شدت اختيار ڪندو پيو وڃي.

هن عالمي برادري، خاص طور سياستدانن کان مطالبو ڪيو ته مختلف بحرانن سبب پيدا ٿيندڙ خوراڪ جي شين جي کوٽ تي ضابطو آندو وڃي.

انگن اکرن موجب سڀ کان وڌيڪ بُک آفريقا جي هيٺئين صحارا خطي ۽ ڏکڻ ايشيائي رياستن ۾ آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.