ٽيهه سالن کان مٿي عمر جي ماڻهن جي صحت لاءِ خاص ڳالهه

جيڪڏهن توهان ٽيهه سالن جي عمر جا آهيو يا ان کان مٿي ٿي چڪا آهيو ته توهان کي پنهنجي صحت جي حوالي سان اهم خيال ڪرڻو پوندو.

ٽيهه سال يا ان کان مٿي عمر وارا ماڻهو پنهنجون هيٺ ڄاڻايل ٽيسٽون ضرور ڪرائين.

  1. بلڊ پريشر

بلڊ پريشر عام طور تي نارمل رينج ۾ 80/120 هوندو آهي جيڪڏهن ان کي چيڪ ڪرائڻ تي بلڊ پريشر نارمل رينج ۾ آهي ته اها اطمينان ڪرڻ جهڙي ڳالهه آهي.

هاڻي توهان کي پنهنجو بلڊ پريشر هر سال ٻيهر ٽيسٽ ڪرائڻ جي ضرورت آهي پر اها ليول گهٽ يا وڌ آهي ته ان جي لاءِ هفتي وار بنيادن تي ٽيسٽ ڪرائڻ ضروري آهي.

  1. بلڊ شگر

ان ٽيسٽ کي ماني کائڻ کان 12 ڪلاڪ پوءِ ڪرايو ويندو آهي مطلب ته خالي پيٽ ڪرائي ويندي آهي ان جي رينج جيڪڏهن 99 يا ان کان گهٽ آهي ته ان جو اهو مطلب آهي ته توهان صحتمند آهيو.

جيڪڏهن ان جي رينج 100 کان وٺي 110 تائين جي رينج ۾ آهي ته ان جو اهو مطلب ٿيو ته توهان ذيابطيس جي خطري ۾ مبتلا آهيو جيڪڏهن ان جي رينج ان کان به مٿي آهي ته ان جو اهو مطلب آهي ته توهان ذيابطيس جو شڪار بڻجي چڪا آهيو.

ان جي لاءِ توهان کي ڪنهن ڊاڪٽر سان رابطو ڪرڻو پوندو ۽ ان جي مدد سان پنهنجي خوراڪ جو چارٽ ٺاهڻو پوندو.

  1. اِي سي جي

اِي سي جي حقيقت ۾ دل جي ڌڙڪن ۽ ان جي ڪم کي ظاهر ڪندي آهي ان کي ڪرائڻ کانپوءِ ڪنهن دل جي ڊاڪٽر کان معائنو ڪرايو.

جيڪڏهن اها درست آهي ته ان جو مطلب آهي ته توهان ايندڙ سال تائين ان بيماري کان محفوظ آهيو.

  1. پيشاب جي ٽيسٽ

ان ٽيسٽ کي يورين ڊي آر به چيو ويندو آهي جيڪا توهان جي گردن جي جاچ پڙتال لاءِ هوندي آهي ان مان توهان جي گردن جو ڪم ۽ انهن ۾ ڪنهن به قسم جي انفيڪشن جي موجودگي ظاهر ٿيندي آهي.

ان جي رپورٽ جيڪڏهن درست آهي ۽ توهان جي پيشاب ۾ ڪو به انفيڪشن ناهي ته ان جو اهو مطلب آهي ته توهان جا گردا بهترين ڪم ڪري رهيا آهن.

  1. رت ۾ ڪوليسٽرول جو ٽيسٽ

اس ٽيسٽ کي ليپيڊ پروفائل به چيو ويندو آهي جنهن ۾ اهو ڏٺو ويندو آهي ته رت ۾ ڪوليسٽرول جو مقدار ۽ ان جي شرح ڇا آهي، ان کي چيڪ ڪرڻ جي لاءِ نارمل رينج رپورٽ ۾ ئي موجود هوندي آهي.

جيڪڏهن رت ۾ ڪوليسٽرول جو مقدار وڌيڪ هجي ته اها دل جي لاءِ تمام گهڻي خطرناڪ هوندي آهي انڪري اهڙي صورتحال ۾ دل جي ڊاڪٽر سان رابطو ڪرڻ ڪنهن وڏي خطري کان بچڻ جي برابر آهي.

  1. رت جي جاچ پڙتال

ان ٽيسٽ کي بلڊ سي بي سي به چيو ويندو آهي جنهن ۾ رت ۾ موجود سڀني شين جو مقدار خبر پئجي ويندي آهي، ان ٽيسٽ مان اها به ڄاڻ ملي ويندي آهي ته جسم ۾ رت جي مقدار ۾ ڪنهن به قسم جي گهٽتائي ته ناهي.

اها سمورا ٽيسٽ ڪنهن عام ليبارٽري کان ڪرائڻ جي صورت ۾ انهن جو خرچ 5 هزار کان مٿي جو ناهي هوندو پر سال ۾ هڪ ڀيرو اهو خرچ ڪرڻ سان انسان وڏي خرچ ۽ وڏي خطري کان بچي سگهي ٿو.

انڪري هر انسان کي ٽيهه سال جي عمر تائين پهچڻ کانپوءِ اهي ٽيسٽون ضرور ڪرائڻ گهرجن ته جيئن ان کي خبر پئجي سگهي ته هن جي جسم ۾ ڪا کوٽ ته پيدا نه ٿي آهي جيڪا کاڌي جي چونڊ، کاڌي جي احتياط يا عارضي دوا جي ذريعي ختم ڪري سگهجي ٿي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.