اين آءِ سي وي ڊي کي قبر مان ڪڍو يا دفنائي ڇڏيو: سنڌ هاءِ ڪورٽ جا سخت ريمارڪس

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) دل جي مرضن بابت اداري (اين آءِ سي وي ڊي) ۾ مبينا ڪرپشن بابت  ڪيس ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ ريمارڪس ڏنا آهن ته سموريون سرڪاري اسپتالون آئوٽ آف سروس ڪيون پيون وڃن، سرڪاري اسپتالون ڪنهن قابل هجن ها ته پرائيوٽ اسپتالون نه کلن ها، اين آءِ سي وي ڊي کي اڌ قبر ۾ نه رکو، اسپتال کي يا قبر مان ڪڍو يا دفنائي ڇڏيو.

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ اين آءِ سي وي ڊي ۾ مبينا ڪرپشن بابت درخواست تي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران جسٽس صلاح الدين پنهور پڇاڻو ڪيو ته اسپتال جا معاملا ڪڏهن ٺيڪ ڪندئو؟ توهان ڪنٽرول ڊاڪٽر باري کي ڇو نٿا ڏئي ڇڏيو؟

ميمبر بورڊ آف گورنرز جي تجويز تي عدالت ريمارڪس ڏنا سٺي ڳالهه آهي ته ڪنٽرول ڊاڪٽر اديب رضوي کي ڏئي ڇڏيو.

جسٽس صلاح الدين پنهور سوال ڪيو ته ڊائريڪٽرز جي مقرري اڃا تائين ڇو ناهي ٿي؟ جنهن تي صحت سيڪريٽري چيو ته مقرري جو عمل شروع ٿي ويو آهي.

جسٽس صلاح الدين پنهور پڇيو ته توهان ڊاڪٽرن کي سٺو پيڪيج ڇو نٿا ڏيو؟ جنهن تي صحت سيڪريٽري چيو ته اين آءِ سي وي ڊي ۽ ايس آءِ وي سي ڊي الڳ الڳ آهي، اين آءِ سي وي ڊي جو بورڊ ڪراچي جا معاملا ڏسندو آهي، صوبي جي ٻين يونٽن لاءِ ايس آءِ وي سي ڊي الڳ ٺاهيو ويو آهي.

عدالت حيرانگي جو اظهار ڪندي چيو ته جڏهن سربراهه ۽ ميمبر هڪ آهن ته بورڊ الڳ ڇو؟ ڊاڪٽر نديم قمر ٻنهي بورڊز ۾ ڪيئن ٿو ٿي سگهي؟

سيڪريٽري صحت پاليسي فيصلي ڪرڻ لاءِ ٽن مهينن جو وقت گهريو، جنهن تي عدالت چيو ته ڇا جو پاليسي فيصلو جڏهن اين آءِ سي وي ڊي ايڪٽ موجود آهي، ٽن مهينن ۾ ڪيئن ٺيڪ ڪندئو؟

عدالت ڪيس ملتوي ڪندي اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪري ورتي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.