ڄام ڪمال تي هارس ٽريڊنگ جو الزام

 

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) بلوچستان عوامي پارٽي جي ترجمان وڏي وزير ڄام ڪمال تي هارس ٽريڊنگ جو الزام هڻي ڇڏيو.

بي اي پي ترجمان سردار عبدالرحمان کيتران چيو آهي ته ڄام ڪمال مون کي منهنجي پٽ ذريعي آڇ موڪلي، منهنجي پٽ کي من پسند وزارت سميت ٻيون آڇون ڪيون ويون.

هن چيو ڄام ڪمال ۾ ايتري جرئت ناهي جو آڇ مون کي ڪري، اسان پينو ناهيون جو ڄام ڪمال کان ڪجهه گهرون، اسان پنهنجي فيصلي تي ڄميل آهيون ۽ ڄام ڪمال کي وڃڻو پوندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.