ڪشمور ، کھڙا ، ٽنڊوغلام حيدر ، ڄامشورو ۽ سو ڀوديرو جون خبرون

ڪشمور:ايس يو پي ڪارڪنن پاران تعلقي اسپتال ۾سهولتن جي کوٽ خلاف مظاهرو

کهڙا: لياقت شاه کي پ پ تعلقي گمبٽ جو صدر چونڊڻ تي ڪارڪنن ۾خوشي جي لهر

ٽنڊوغلام حيدر: پگهارون نه ملڻ خلاف ٽائون ڪميٽي ملازمن جو انوکو احتجاج

ڄامشورو: بااثرن ۽ بلڊر پاران قديمي ڳوٺن تي قبضا ڪري گهر ڊاهڻ خلاف احتجاج

سوڀوديرو ۾ پيپلز پارٽي تعلقي سوڀوديرو جو گڏيل اھم اجلاس

1

ڪشمور ۾ ايس يو پي جي ڪارڪنن پاران تعلقي سول اسپتال ۾ گوسڙو عملي ۽ شھرين کي علاج جون سهولتون نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو . ايس يو پي اڳواڻ حضرت ﷲ مزاري، ھدايت ﷲ جکراڻي شاھ گل مزاري شاد کوسو ۽ ٻين سول اسپتال جي مک گيٽ آڏو  احتجاج ڪندي ڊي ايڇ او ڪشمور ۽ ايم ايس ميرحسن ڪولاچي کي ھٽائڻ جو مطالبو ڪيو. ايس يو پي جي ڪارڪنن ميڊيا آڏو دانھيندي چيو ته سول اسپتال ۾ ليڊي ڊاڪٽرياڻين سميت عملو ڊيوٽي ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، مختلف واقعن ۾ مارجي ويلن جي لاشن جي پوسٽ مارٽم سميت سول اسپتال ايندڙ مريضن کي علاج جي ڪا به سهولت نٿي ملي، هنن مطالبو ڪيو ته فوري طور تي مريضن کي سهولتون ڏنيون وڃن.

2

پ پ اڳواڻ سيد لياقت شاه کي پ پ تعلقي گمبٽ جو صدر چونڊڻ تي پ پ  ورڪرن ۾ خوشي جي لهر پکڙجي وئي . پيپلزپارٽي جي صوبائي صدر نثار احمد کهڙي اهڙو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪري ڇڏيو.ناليواري شاعر عبدالرزاق اڄڻ. عبدالحڪيم شر ۽ ٻين جيالن سيد لياقت علي شاه کي صدر ٿيڻ تي گلن جا هار پارائي مبارڪون ڏنيون. ان موقعي تي نئين مقرر ٿيل پ پ تعلقي گمبٽ جي صدر سيد لياقت علي شاه چيو آھي ته  پارٽي قيادت مون مٿان اعتماد ڪري عهدو ڏنو آھي ، ان چيو ته پ پ عوامي. جمهوري پارٽي آھي. ملڪ جو ايندڙ وزير اعظم بلاول ڀٽو زرداري هوندو.

3

مسلسل 17 ڏينهن کان بک هڙتال تي ويٺل ٽائون ڪميٽي جي ملازمن پاران انوکو احتجاج ڪندي ٽائون آفيسر ٽنڊوغلام حيدر جو علامتي جنازو ڪڍيو ويو جنهن ۾ ايس پي اڳواڻن پير عظيم شاھ،کمن لاکو ۽ ٽائون ملازمن طاهر نظاماڻي،بشير ورياھ،شاهنواز ڀٽي ۽ ٻين روئيندي پٽيندي چيو تہ اڄ 17 ڏينهن گذري ويا  آهن پر آفيس ۾ ڪو ذميوار ڪامورو نٿو اچي، اسان جائز حق  آهن، پگهارن لاء مسلسل بک هڙتال تي ويٺل آھيون پر ڪير لڙي ناهي آيو ، اڄ ٽائون آفيسر ٽنڊوغلام حيدر جو علامتي جنازو ڪڍيو آھي.هنن سنڌ سرڪار سميت وس وارن کان مطالبو ڪيو ته پگهارون بند هجڻ سبب ٻچا بکون ڪاٽي رهيا آهن نوٽيس وٺي اسان جون رهيل پگهارون جاري ڪرايون وڃن.

4

ڄامشورو ۾ بااثرن ۽ بلڊر پاران قديمي ڳوٺن تي قبضا ڪري گهر ڊاهڻ ۽ ڳوٺن جا لنگھ بند ڪرڻ خلاف شاھ بخش کوسو, مير محمد کوسو ۽ رئيس احمد کوسو جي اڳواڻي ۾ کوسا برادري جي سوين ڳوٺاڻن پاران احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو,ان موقعي تي ڳوٺاڻن چوڻ هو ته ڄامشورو جي خان پيٽرول پمپ ڀرسان ڳوٺ شاھ بخش کوسو ۽ سچو کوسو نالي اسان جا قديمي ڳوٺ آهن جن تي بااثر ماڻهون لالو ڪاڇيلو, قمر ڪانهڙو, ۽ بلڊر ارباب سمون زبردستي قبضو ڪري رهيا آهن ۽ ڳوٺن جا لنگھ بند ڪرڻ سميت ڪيترائي گهر ڊاهي پٽ ڪيا آهن ، هنن مطالبو ڪيو ته کين تحفظ ۽ انصاف ڏنو وڃي.

05

سوڀوديرو ۾ پيپلز پارٽي تعلقہ سوڀوديرو جو گڏيل اھم اجلاس ٿيو،   پ پ تعلقي صدر ايڊوڪيٽ اعجاز احمد کهڙو جي رهائش گاھ ڳوٺ حاجي طاهر محمد کهڙو ۾ ڪوٺايل اجلاس ۾ سڀني يونين ڪائونسل جي اڳوڻن ۽ موجوده صدرن،جنرل سيڪريٽريز، ورڪنگ  ڪاميٽي ميمبرز، ڪائونسل ميمبرز، اڳوڻي چيئرمين، وائيس چيئرمين ۽ سڀني يوسيز جي پيپلز پارٽي تعلقه سوڀوديرو جي عھديدارن شرڪت ڪئي ۔ اجلاس جي ايجنڊا 18 آڪٽوبر ڪراچي ۾ ڪارساز سانحي جي شهيدن جي ياد ۾ جلسي ۾ شرڪت ڪرڻ جي حوالي سان اهم  صلاح مشورا ڪرڻ هو .

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.