سوشل ميڊيا رولز جو نوٽيفڪيشن جاري، ڇا تي پابندي هوندي؟

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن وزارت سوشل ميڊيا رولز 2021 جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو.

انفارميشن ۽ ٽيڪنالاجي واري وزير امين الحق جو چوڻ آهي ته ترميم ٿيل رولز ۾ پاڪستاني واهپيدارن کي آرٽيڪل 19 تحت اظهار جي مڪمل آزادي هوندي پر اخلاق جي ابتڙ ۽ فحش مواد جي مشهوري پڪڙ جوڳو ڏوهه هوندو.

امين الحق موجب پاڪستاني واهپيدارن ۽ سوشل ميڊيا ادارن جي رابطن لاءِ رولز اهم ڪردار ادا ڪندا، جڏهن ته سوشل ميڊيا ڪمپنين کي پاڪستاني قانونن ۽ سوشل ميڊيا واهپيدارن جي حقن جي پاسداري ڪرڻي پوندي.

هن ٻڌايو ته رولز تحت انتهاپسندي، دهشتگردي، نفرت تي ٻڌل، فحش ۽ پرتشدد مواد جي لائيو اسٽريمنگ تي پابندي هوندي، ان سلسلي ۾ سوشل ميڊيا ادارا پاڪستان جي وقار ۽ سلامتي خلاف مواد هٽائڻ جا پابند هوندا، رولز کي نظر ۾ رکندي ڪنهن به شخص بابت ناڪاري مواد اپ لوڊ نه ڪري سگهبو، ائين ٻين جي نجي زندگي بابت مواد تي به پابندي هوندي، گڏوگڏ پاڪستان جي ثقافتي ۽ اخلاقي رجحانن جي مخالف مواد تي پابندي هوندي.

سندس چوڻ هو ته سوشل ميڊيا ادارا ۽ سروس پرووائيڊرز ڪميونٽي گائيڊ لائنز جوڙيندا، جڏهن ته يوٽيوب، فيس بُڪ، ٽڪ ٽاڪ، ٽوئيٽر ۽ گوگل پلس سميت سڀ سوشل ميڊيا ادارا رولز جا پابند هوندا، نوٽيفڪيشن کانپوءِ سوشل ميڊيا ادارن لاءِ جلد کان جلد پاڪستان ۾ آفيسون قائم ڪرڻ لازمي هوندو، جڏهن ته سوشل ميڊيا ڪمپنيون پاڪستان لاءِ پنهنجو مجاز آفيسر مقرر ڪنديون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.