اسلام ڪوٽ ۾ ڳوٺاڻن جو وڏيري خلاف احتجاج

اسلام ڪوٽ (ت ر) اسلام ڪوٽ جي ڳوٺ وڪڙيو جي رهواسين سومجي ميگهواڙ پنهنجي ڀائيٽي گنيش ميگهواڙ سان گڏجي پريس ڪلب آڏو بااثر الف جنجهي جي ظلمن خلاف احتجاج ڪيو،جتي هنن دانهيندي چيو ته وڏيري الف جنجهي اسان جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي،آر او پلانٽ تي قبضو ڪيو ويو آهي،الف جنجهي ۽ نهال ميگهواڙ آر او پلانٽ جو پاڻي وڪرو ڪري رهيا آهن،چوويھ ڪلاڪ هو پلانٽ تي ويٺل هجن ٿا جنهن سبب ڪو ٻار ٻچو پاڻي ڀري نه ٿو سگهي،اڳ ۾ به هنن پلانٽن جون سمشي پليٽون چوري ڪري وڪرو ڪيون آهن،اسان شڪايتون ڪيون ٿا ته موتمار ڌنڪيون ڏنيون ٿيون وڃن،اسان سان ظلم هلي رهيو آهي،ڪير ٻُڌڻ لاءِ تيار ناهي،اسين تنگ ٿي خودڪشي ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا آهيون،سومجي ميگهواڙ چيو ته منهنجي ڀائيٽي گنيش ميگهواڙ الف جنجهي جي ظلمن کان تنگ ٿي خودڪشي جي ڪوشش ڪئي،اسان بچايو،وري به نوجوان خودڪشي ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويو آهي،ٿر ۾ اصل خودڪشيون وڏيرن جي ظلمن ۽ زيادتين جي ڪري ٿي رهيون آهن،منهنجي ڀائيٽي خودڪشي ڪئي ته ذميوار الف جنجهي هوندو،پوليس نوٽيس وٺي انصاف ڪري.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.