مهتا پيلس قصر فاطمه کي گرلز ميڊيڪل ۽ ڊينٽل ڪاليج ٺاهڻ جو حڪم

ڪراچي (رپورٽر)سنڌهاءِڪورٽ جي جسٽس ذوالفقار احمد جي عدالت ۾  محترمه فاطمه جناح جي ملڪيت قصرفاطمه (مهتاپيلس )جي تڪرار  واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي .عدالت ڌرين جي رضا مندي سان قصرفاطمه کي گرلز ميڊيڪل ڊينٽل ڪاليج ٺاهڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي .عدالت پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته گرلز ڊينٽل ڪاليج ۾ هاسٽل به ٺاهي وڃي .عدالت کي ٻڌايو ويو ته ڪاليج کي هلائڻ جي لاءِ ڌرين انڊس اسپتال جي ڊاڪٽر عبدالباري ،ڊاڪٽر اديب رضوي ،جسٽس رٽائرڊ سرمدجلال عٽماني .جسٽس رٽاٽرڊ فهيم صديقي ۽ اميرعلي جي نالن جي سفارش ڪئي آهي .ڌرين جو چوڻ هو ته ايندڙ ٻڌڻي تي ٽرسٽيز جي رضا مندي کان آگاهه ڪيو ويندو .عدالت هدايت ڪئي جيڪي به ٽرسٽ ۾ آهن هنن جي رضامندي هجڻ ضروري آهي .عدالت مهتاپيليس ۾ موجوده سامان جي فهرست ٺاجي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي .عدالت سنڌحڪومت جي ڪلچر کاتي کان مهتاپيليس مان 30 سالن جي آمدني جا تفصيل گهري ورتا آهن.03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.