سڪرنڊ شگرمل مان برطرفين خلاف حيدرآباد ۾ احتجاج، پورهيتن سان ظلم جاري آهي: ڪامريڊ اقبال

حيدرآباد(رپورٽر) سڪرنڊ شگر مل قاضي احمد مان ڪوڙن الزامن تحت نوڪرين تان برطرف ملازمن کي بحالي نه ڪرڻ خلاف ڪالهه ٻئي ڏينهن حيدرآباد پريس ڪلب سامهون ڪامريڊ اقبال، محمد جمن ڏاهري،  غلام قادر ڪيريو، غلام قادر انڙ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ بک هڙتال ڪئي وئي. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته 3 سالن جي چارٽرآف ڊمانڊ پيش ڪرڻ تي ملازمن مٿان من گهڙت ۽ ڪوڙا الزام هڻي غريب ملازمن کي برطرف ڪري ڇڏيو آهي. جن جي تاحال بحالي نٿي سگهي آهي. هنن چيو ته سنڌ حڪومت تي قابض اشرافيا جيڪا صنعتي مالڪن جو روپ رکي ٿي سا قانون کي تسليم ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي. جنهن سبب مزدورن سان ظلم جاري آهي، هوڏانهن سڪرنڊ شگرمل ورڪمين يونين جي بک هڙتالي ڪيمپ تي ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان جي اڳواڻ ڪامريڊ اقبال، محمد جمن ڏاهري، غلام قادر ڪيريو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته صنعتي مالڪن وٽ حڪمراني جي لٺ هوندي ته ان جو استعمال مزدور طبقي تي ئي ٿيندو، جيڪو عملن ٿي رهيو آھي، تمام قانون حڪمران پنهنجي مفادات لاءِ ٺاهيندا آھن ۽ عوام کي صرف ڪوڙي تسلي ڏني ويندي آھي ته اهو قانون سڀ لاءِ آھي، هنن چيو ته مزدور حڪمرانن کان تنگ ٿي ڪورٽن طرف ڏسي رهيا آھن، شگرمل مالڪن پنهنجي طاقت جي زور تي ليبر ڊپارٽمينٽ ۽ انصاف ڪرڻ وارن ادارن کي مفلوج بڻايو ويٺا آھن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.