ڪراچي:پيپلز پيرا ميڊيڪل اسٽاف پاران نئين تنظيم سازي لاءِ سول اسپتال ۾ تقريب

ڪراچي جي سول اسپتال ۾ پاڪستان پيپلز پيرا ميڊيڪل اسٽاف پاران نئين  تنظيم سازي ۽ پاڪستان جي محسن ڊاڪٽر مرحوم عبدالقدير خان کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاء هڪ تقريب ٿي ۔ تقريب ۾ پاڪستان پيپلز پيرا ميڊيڪل اسٽاف پاران ڪراچي ڊويزن لاء نياز احمد خاصخيلي کي صدر چونڊيو ويو ۔ جنهن جو پڻ نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو۔ جڏهن ته سول اسپتال يونٽ لاء سيد منير حسين شاھ کي صدر چونڊيو ويو۔ جنهن جو پڻ نوٽيفڪيشن  جاري ڪيو ويو۔ ان موقعي تي پاڪستان پيپلز پيرا ميڊيڪل اسٽاف ڪراچي ڊويزن جي صدر نياز احمد خاصخيلي خطاب ڪندي چيو ته پيپلز پارٽي جي اعلي قيادت جي هدايت تي پيرا ميڊيڪل هڪ ئي پليٽ فارم تي گڏ ٿي آهي۔  ملڪ جي محسن ڊاڪٽر مرحوم  عبدالقدير خان قوم جو هيرو هو جنهن پاڪستان کي ايٽم بم ۽ جوهري پروگرام سان نوازيو سندس چوڻ هو ته مرحوم عبدالقدير خان کي ڪڏهن به وساري نٿو سگهجي ۔ تقريب کي قيوم مروت ،اسد سامٽيو ،غلام علي ميراڻي۔ممتاز ميمڻ، احسان ڪلهوڙو سيد منير حسين شاه ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي .

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.