ڪراچي:هڪ کان وڌيڪ ايف آرز داخل ڪرڻ خلاف درخواستن تي جلد ٽرائل جوحڪم

سنڌ هاءِڪورٽ جي جسٽس ڪي ڪي آغا تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ بحريا ٽائون آڏو ڌرڻي ڪيس ۾ هڪ کان وڌيڪ ايف آءِ آرز داخل ڪرڻ خلاف درخواستن تي جلد ٽرائل جو حڪم ڏنو آهي ، عدالت فيصلي جي نقل ڪاپي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ڏانهن اماڻڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.پوليس 27 ايف آءِ آرز سي ڪلاس ڪرڻ بابت عدالت ۾ رپورٽ پيش ڪري ڇڏي ، پوليس ۽ بحريا ٽائون انتظاميا جي فرياد تي داخل 2 ڪيس چالان ڪيا ويا، جن جو ٽرائل دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ هلايو ويندو، درخواستن تي ٻڌڻي دوران سرڪاري وڪيل ٻڌايو ته ٻن ڪيس ۾ 56 ڄڻا نامزد آهن، جن مان 6 ڪارڪن جيل ۾ آهن. عدالت سوال ڪيو ته اهُي 6 ڪارڪن جيل ۾ ڇو آهن؟، سرڪاري وڪيل ٻڌايو ته انُهن ڪارڪنن اڃا تائين ضمانت ناهي ڪرائي، عدالت ۾ درخواست گذارن جي وڪيل چيو ته ملير جي ڪيسن جي سي ڪلاس رپورٽ عدالت ۾ پيش نه ڪئي وئي آهي .سرڪاري وڪيل چيو ته ملير عدالت سي ڪلاس جي رپورٽ پيش ڪئي آهي جيڪا منظور ٿي وئي آهي .عدالت ۾ بيرسٽرصلاح الدين چيو ته ايس ايس پي جي رپورٽ ۾ ٻيو ڪجهه آهي .عدالت پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته اگر ٻه ڪيس ختم ڪرائڻ چاهيو ٿا ته ٽرائل ڪورٽ ۾ درخواست جمع ڪرايو .عدالت ٽرائل ڪورٽ کي جلد معاملو اڪلائڻ جي هدايت ڪندي سيد جلال محمود شاهه ۽ ايڊووڪيٽ سجاد چانڊيو جون درخواستون اڪلائي ڇڏيون آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.