حيدرآباد: سڪرنڊ شگر مل انتظاميا پاران ملازمن کي نيڪالي ڏيڻ خلاف مظاهرو

حيدرآباد: سڪرنڊ شگر مل قاضي احمد ضلعي شهيد بينظير آباد جي انتظاميا پاران يونين ملازمن کي انتقامي ڪارروائي ڪندي نوڪرين تان نيڪالي ڏيڻ خلاف حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاج ڪيو ويو، ان موقعي تي ڪامريڊ اقبال، محمد جمن ڏاهري، غلام قادر ڪيريو، غلام قادر انڙ ۽ ٻين چيو ته شگرمل انتظاميا ڪوڙا الزام هڻي غريب ملازمن کي برطرف ڪري ڇڏيو آهي جنهن جو ڪيس ليبرڪورٽ ۾ داخل ڪرايو آهي پر اتان به ڪيس مسلسل رولڙي جو شڪار آهي، هنن چيو ته انتظاميه ڪنهن به قانون کي مڃڻ لاءِ تيار نه آهي ملازم بکون ڪاٽڻ تي مجبور ٿي ويا آهن.هنن مطالبو ڪيو ته نيڪالي ڏنل ملازمن کي بحال ڪري انهن سان انصاف ڪيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.