ڪراچي جي سامونڊي پٽي وارن علائقن ۾ منشيات جو وڪرو

کوکراپار(ن ع آ) ڪراچي جي سامونڊي پٽي جي آبادين ۾ منشيات جي وڪري ۽ واهپي تي ضابطو نه اچي سگهيو ، آبادين جي گهٽي گهٽي ۾ منشيات جو کلي عام وڪرو جاري ،سماجي تنظيمن جي جدوجهد جي باوجود منشيات فروش سرگرم، تفصيل موجب ڪراچي جي سامونڊي پٽي جي مختلف علائقن ۾ منشيات خلاف انتظاميا جي ڪاروائي ۽ سماجي تنظيمن جي جدوجهد جي باوجود منشيات فروش وڌيڪ سرگرم ٿي ويا آهن مليرجي سامونڊي  پٽي ابراهيم حيدري، ريڙهي، چشما ڳوٺ، لٺ بستي ۽ ٻين علائقن ۾ کلي عام منشيات جو وڪرو ڪيو پيو وڃي. علائقي واسين جي احتجاج ۽ منشيات فروشن جي نشاندهي باوجود ڪابه ڪاروائي نٿي سگهي آهي ان سلسلي ۾ منشيات خلاف جدوجهد ڪندڙ تنظيم جي اڳواڻن مجيد موٽاڻي، يوسف ڪڍاڻي، طالب ڪڇي ۽ ٻين ٻڌايو آهي ته ابراهيم حيدري سميت پنجابي پاڙي ۾ منشيات سري عام گهٽين ۾ وڪرو ڪئي پئي وڃي. ابراهيم حيدري منشيات سبب بدنام ٿي چڪو آهي هنن چيو ته پوليس کي سڀ خبر آهي پر هو خاموش بڻيل آهي کوڙ ڀيرا هن جاءِ جي نشاندهي به ڪئي ويئي آهي پر ڪابه اثرائتي ڪاروائي نه پئي ڪئي وڃي هنن مطالبو ڪيو ته ابراهيم حيدري ۾ منشيات خلاف تڪڙا اپاءُ وٺي ان برائي مان نوجوان نسل بچايو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.