راڄوخاناڻي: آڳاٽوسارين جو فصل لھي تيار،آبادگارن پاران گهٽ اگهه جون دانهون

راڄوخاناڻي شهر ۽ آس پاس سميت تلھار بدين ضلعي جي مختلف علائقن ۾ آڳاٽو پوکيل سارين جو نئون فصل لھي تيار ٿي مارڪيٽ۾ پھچي ويو ، راڄوخاناڻي جي آبادگارن سارين جو اگهه گھٽ ھجڻ جون دانهون ڪندي الزام لڳايو ته واپاري وري موائسچر گھميل ۽ پاڻي واريون ساريون ھجڻ جو جواز ڄاڻائي ڪٽوتي ڪري رهيا آهن جنهن کي ھرگز قبول نه ڪيو ويندو . آبادگارن مير اياز ٽالپر، باغي نظاماڻي، چندر ڪمار ۽ ٻين صحافين سان کي ٻڌايو ته سارين جي پوکي کان وٺي فصل تيار ٿيڻ تائين في ايڪڙ تي خرچو ٽيھ ھزار کان چاليهه ھزار اچي وڃي ٿو ،ھن وقت جڏهن فصل لھي مارڪيٽ۾اچي ويو آهي ته اگھ گھٽ ھجڻ ڪري پريشانيون پيدا ٿي رهيون آهن ، آبادگارن مطالبو ڪيو ته سنڌ حڪومت سارين جي فصل جو اگهه 2ھزار في مڻ مقرر ڪري  ته جئين آبادگار سک جو ساھ کڻي ،ٻئي طرف وري واپارين سيٺ شام ڪمار عرف گڊو ٻڌايو ته علائقي ۾ موسم ٿڌي  ۽ گھميل آھي آبادگارن کي گھرجي تہ ساريون سڪائي کڻي اچن .

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.