سکر:سنڌ ايجوڪيشن بورڊ ڪميٽي تعليمي بورڊ پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج

سنڌ ايجوڪيشن بورڊ ڪميٽي تعليمي بورڊ سکر پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪيو ويو، احتجاج جي اڳواڻي ڪندي عبدالفتاح مھر، غلام مصطفي پيرزادو، محمد بچل پيرزادو، ظفر لاشاري ۽ ٻين ٻڌايو تہ سنڌ حڪومت ڏانھن سکر بورڊ جون سوا ارب روپين جون رھتون آھن  جنھن سبب سکر بورڊ مالي بحران جو شڪار آھي،  رھتون نہ ملڻ سبب ملازمن جون پگھارون رڪيل آھن ، هنن چيو ته جيڪي استاد انٽر جو رزلٽ چيڪ ڪندا آھن انھن جي پئسن جي ادائيگي نہ ٿا ڪري سگھون، جنھن سبب اداري ۾ مسئلا پيدا ٿي رھيا آھن،  اڳواڻن حڪومت کان مطالبو ڪيو تہ رڪيل سوا ارب رپيا جاري ڪيا وڃن جيڪڏھن مطالبا نه مڃيا ويا تہ نائين، ڏھين ۽ ٻارھين ڪلاس جي امتحانن جو بائيڪاٽ ڪيو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.