انفنڪس جا ٻه نوان فليگ شپ فونز پاڪستان ۾ وڪري لاءِ پيش

چيني ڪمپني انفنڪس طرفان عام طور تي اينٽري ليول ۽ مڊرينج ڊوائيسز پيش ڪيا ويندا آهن پر سيپٽمبر ۾ ان طرفان فليگ شپ فونز متعارف ڪرايا ويا هئا.

زيرو ايڪس، زيرو ايڪس پرو ۽ زي نيو ان ڪمپني جا پهريان فونز آهن جن ۾ پيري اسڪوپ ڪيمرائون ڏنيون ويون آهن.

پيري اسڪوپ ڪيمرا عام طور تي ڪنهن سيريز جي ٽاپ ماڊل ۾ هوندي آهي پر انفنڪس طرفان ان ٽنهي فونز ۾ اهي اهي لينسز ڏنا ويا آهن ۽ ڪمپني موجب چنڊ جون بهترين تصويرون ڪڍي سگھجن ٿيون.

هاڻ ڪمپي زيرو ايڪس پرو ۽ زيرو ايڪس نيو کي پاڪستان ۾ وڪري لاءِ پيش ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي جيڪي 11 آڪٽوبر کان پري آرڊر دستياب هوندا.

زيرو ايڪس پرو جي 6.67 انچن جي اموليڊ ڊسپلي 120 هرٽز ريفريش ريٽ سان ليس آهي جنهن لاءِ ميڊيا ٽيڪ جي انٽيليجنٽ ڊسپلي چپ سيٽ جي مدد ورتي وئي آهي.

زيرو ايڪس نيو ۾ 6.78 انچن جي ايل سي ڊي ڊسپلي 90 هرٽز ريفريش ريٽ سان گڏ آهي جڏهن ته ان ۾ 5000 ايم اي ايڇ بيٽري 18 واٽ فاسٽ چارجنگ سپورٽ سان ليس آهي.

ايڪس پرو ۾ 4500 ايم اي ايڇ بيٽري 45 واٽ فاسٽ چارجنگ سپورٽ سان گڏ آهي ۽ ڪمپني موجب زيرو کان 40 سيڪڙو بيٽري 15 منٽن ۾ چارج ٿي سگھي ٿي.

ٻنهي فونز ۾ ميڊيا ٽيڪ جو هيليو جي 95 پراسيسر ڏنو ويو آهي جڏهن ته اينڊرائيڊ آپريٽنگ سسٽم کي ايڪس او ايس 7.6 سان ليس ڪيو ويو آهي.

ٻنهي فونز ۾ 128 جي بي اسٽوريج موجود آهي جڏهن ته 8 جي بي ريم ڏني وئي آهي پر زيرو ايڪس پرو ۾ ورچوئل ريم ايڪسپينشن جو فيچر موجود آهي جنهن جي ڪري 8 سان گڏ 3 جي بي واڌو ريم جي سهولت دستياب هوندي.

ٻنهي فونز جون مين ڪيمرائون مختلف آهن ۽ زيرو ايڪس پرو ان حوالي سان بهترين آهي جنهن ۾ 108 ميگا پڪسل مين ڪيمرا آپٽيڪل اميج اسٽبلائيزيشن (او آءِ ايس) سان گڏ ڏني وئي آهي.

فوٹو بشکریہ انفینکس

زيرو ايڪس نيو جي مين ڪيمرا 48 ميگا پڪلس جي آهي جنهن ۾ آءِ او ايس جي سهولت موجود نه آهي.

ان کان هٽي ڪري ٻنهي فونز ۾ 8 ميگا پڪسل پيري اسڪوپ ۽ 8 ميگا پڪسل الٽرا وائيڊ ڪيمرا به ڏنيون ويون آهن جن کي ميڪرو شوٽر جي طور تي به استعمال ڪري سگھجي ٿو.

فونز ۾ پيري اسڪوپ ڪيمرا 5 ايڪس آپٽيڪل ۽ 60 ايڪس ڊجيٽل زوم جي سهولت فراهم ڪن ٿيون، جڏهن انهن لاءِ الگورٿم انجڻ به تيار ڪئي وئي آهي جيڪا چنڊ جي تصوير ڪڍڻ دوران ڪيمرا ڪنٽرول ڪري ٿي۽ ان کان پوءِ ڊيٽا کي پراسيس ڪري بهترين رزلٽ فراهم ڪري ٿي.

يعني گڏيل طور تي ٻنهي فونز ۾ بيڪ تي 3 ڪيمرائون آهن جڏهن ته فرنٽ تي 16 ميگا پڪسل سيلفي ڪيمرا ڊوئل ايل اي ڊي فليش سان گڏ موجود آهي.

زيرو ايڪس نيو جي قيمت 32 هزار 999 رپيا جڏهن ته زيرو ايڪس پرو جي قيمت 47 هزار 999 رپيا رکي وئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.