خاڻوٺ لڳ 5 گهرن جون ڇتيون ٽوڙي چوري

مانجهند ( ن ع آ ) خاڻوٺ ويجهو ڳوٺ زيمي لڳ پهلوان خان کوسو  ۾ اڻڄاتل چور  پهلوان خان کوسو  رستم خان کوسو تڳيو خان کوسو  رحيم کوسو پوڙھو کوسو جي 5 گهرن جون ڇتيون ٽوڙي سون روڪ رقم سميت لکين روپين جي ماليت جي چوري ڪري فرار ٿي ويا جن جي ڳوٺاڻن پيرا کڻي ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي پر برسات سبب پير هٿ نه اچي سگهيا خاڻوٺ پوليس روايتي انداز ۾ متاثرن کان مهلت وٺي واپس ٿي وئي جڏھن ته ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.