راڻيپور ڀرسان هٿياربندن جي فائرنگ، 2 اهلڪار زخمي، سرڪاري هٿيار ڦر

راڻيپور/گمبٽ(رپورٽ :عامر مهيسر+الهداد اڄڻ) راڻيپور پوليس جي ٻن اھلڪارن مٿان نامعلوم ھٿياربندن جي فائرنگ، اھلڪار رتو رت سخت زخمي، اسپتال منتقل، ڏوھاري ھٿيار ڦر ڪري فرار ٿي ويا، اھلڪارن کان  ھٿيار ناھن کسيا ويا،پوليس، رپورٽ موجب: رات جي پوئين پهر ۾ درازا شريف ڀرسان ڦل ڪانٽي وٽ 4 کان 5 ڏوھارين پوليس اھلڪارن مٿان فائرنگ ڪري ڏني،جنهن جي نتيجي ۾ ٻه اھلڪار الهڏنو جوڻيجو ۽ قربان مغيري سخت زخمي ٿي پيا، جن کي اتان ڪراسنگ ڪندڙن پوليس کي اطلاع ڪيو جن واقعي واري ھنڌ پھچي ساٿي زخمي اھلڪارن کي شديد زخمي حالت ۾ راڻيپور جي رورل ھيلٿ سينٽر پھچايو،جتان فسٽ ايڊ ڏيڻ بعد ٻنھي زخمين کي گمبٽ گمس اسپتال منتقل ڪيو ويو، جڏھن ته زخمين پوليس اھلڪارن ٻڌايو ته ڏوھاري گاڏين تي اچي رھيا ھئا،اسان کين روڪڻ جي ڪوشش ڪئي ته ھنن اسان مٿان فائرنگ ڪري ڏني،جنھن ۾ اسان زخمي ٿي پياسين اھي ھٿيارن سان ھئا، ڪجھ ذريعن وٽان معلوم ٿيو آھي ته حملي دوران ڏوھارين سندن جا سرڪاري ھٿيار پاڻ سان کڻي فرار ٿي ويا آھن، جن جي ڳولا لاءِ پڻ شھر جي اندر ۽ ٻاھر ناڪابندي ڪري چيڪنگ ڪئي پئي وڃي،ٻئي پاسي پوليس جو اھو موقف پڻ آھي ته اھلڪارن کان ھٿيار ناھن کسيا ويا،جڏھن ته چوڌاري ناڪابندي ڪئي وئي آھي ۽ ڦورن کي جلد کان جلد پڪڙي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو، زخمي اھلڪار الهڏنو جوڻيجو جي ڀاڻيج ٻڌايو ته زخمين جي حالت انتھائي خراب آھي، جڏھن ته آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪوبه ڪيس داخل نه ٿي سگهيو .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.