جهڏو ۾ ٽنڊو جان محمد پوليس جي زيادتين خلاف ڳوٺاڻن پاران احتجاجي مظاهرو

جهڏو ۾ ٽنڊو جان محمد پوليس جي زيادتين خلاف ڳوٺاڻن پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ٽنڊو جان محمد جي ڳوٺ بچل چانڊيو جي رهواسين فتح خان چانڊيو، ۽ سندس پٽن قادر بخش، غلام قادر ميڊيا سينٽر جهڏو تي ٽنڊو جان محمد پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي فتح خان چانڊيو صحافين آڏو دانهيندي چيو ته مون تي ۽ منهنجي پٽن تي ڪڏهن به ايف آئي آر، يا اين سي داخل ناهي ٿي، هن الزام هڻندي چيو ته ڊي ايس پي جهڏو، ۽ ايس ايڇ او ٽنڊو جان محمد منهنجي بي ڏوهي پٽن قادر بخش، غلام قادر، ۽ عباس علي تي ڊيوٽي اٽڪاء جو مبينا ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو آهي، اسان جي مائٽن يا ٻئي ڪنهن به ڏوهاري سان اسان جو ڪوبه واسطو نه آهي، پوليس اسان مٿان ڪوڙو ڪيس داخل ڪري ناحق ڪيو آهي، هن آء جي سنڌ، ايس ايس پي ۽ ڊي آئي جي ميرپورخاص کي اپيل ڪئي ته ڊي ايس پي جهڏو، ايس ايڇ او ٽنڊو جان محمد، ۽ سي آئي انچارج ميرپورخاص کان کين جاني مالي خطرو آهي، تحفظ ۽ انصاف فراهم ڪيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.