ڄامشوري ۾3 آڪٽوبر تي شاگرد مارچ جو اعلان

ڄامشورو/ ڪوٽڙي ( نمائندن وٽان) ڄامشورو ۾ پروگريسو اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي اڳواڻن ڪانڀو خان عمراڻي, علي احمد جتوئي ۽ ٻين  ڄامشورو ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب پهچي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته ڄامشورو شهر سميت هر يونين ڪائونسل ۾ پبلڪ لائبريري تعمير ڪئي وڃي, ڄامشورو شهر کي گرلس ۽ بوائز ڊگري ڪاليج ڏنو وڃي, پرائمري اسڪولن ۽ ھاءِ اسڪولن کي بنيادي سھولتون ڏئي، انھن جي مرمت ڪرائي، استادن ۽ ٻين گھربل شين جي کوٽ پوري ڪئي وڃي, ڄامشورو شهر کي ڪميونٽي هال ۽ پبلڪ پارڪ ڏنا وڃن, ڄامشورو منشيات جو مرڪز بڻجي چڪو آهي، جيڪو تعليمي ادارن تي سڌيءَ ريت اثر انداز ٿئي پيو تنهن ڪري شهر مان منشيات جا اڏا  مڪمل طور ختم ڪيا وڃن، هنن چيو شاگرد يونين بحال ڪئي وڃي, هر شاگردَ کي مفت ۽ معياري تعليم ڏني وڃي. تعليمي ادارن ۾ ڏينهون ڏينهن فيسن ۾ وڌاري واري عمل کي ٻنجو ڏنو وڃي, هڪ قومي نصاب وارو فيصلو ملڪ جي تعليمي سرشتي کي تباھي ڏانھن وٺي وڃڻ کانسواء ٻيو ڪجهه به ناهي. اسين گُهر ڪيون ٿا ته سنڌ حڪومت وفاق جي انھيءَ فيصلي خلاف ثابت قدميءَ سان بيٺل رھي ۽ درسي ڪتابن کي مڪمل سيڪيولر ۽ سائنسي بنيادن تي مرتب ڪيو وڃي. هنن جو وڌيڪ چوڻ هيو انهن سمورن مسئلن جي حل لاءِ 3 آڪٽوبر تي سندن پاران ڄامشورو ۾  پرامن ريلي پڻ ڪڍي ويندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.