آمريڪا کي ٻڌايو هو ته افغانستان ۾ جنگ مسئلي جو حل ناهي: وزيراعظم عمران خان  

نيويارڪ (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي سان ورچوئل خطاب ۾ ڪشمير مسئلي، افغانستان جي صورتحال، اسلامو فوبيا، ڪورونا وائرس، ماحوليات ۽ ٻين اهم معاملن تي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو.

وزيراعظم گڏيل قومن ۾ ڪشمير جو ڪيس پيش ڪندي چيو ته نئين دهلي ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار تي پاڻ مرادو آخري حل طرف وڌي رهيو آهي، ڀارت والاريل ڪشمير جي مسلمانن کي اقليت ۾ تبديل چاهي ٿو، ٺهراءُ واضح آهي ته ڪشمير مسئلي جو حتمي حل علائقي جي ماڻهو گڏيل قومن تحت آزاد ۽ اڻ ڌري راءِ شماري سان ڪندا.

پنهنجي خطاب ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته ڏکڻ ايشيا ۾ امن جو دارو مدار ڪشمير مسئلي جي حل ۾ آهي.

عمران خان چيو ته حريت اڳواڻ سيد علي رضا گيلاني جي جنازي نماز ۾ شرڪت لاءِ گھرڀاتين کي روڪيو ويو جڏهن ته ڀارت والاريل ڪشمير ۾ هزارين ڪشميرين جو عدالت کان مٿانهون قتل ڪيو ۽ ڪيترن ئي سينيئر اڳواڻن کي قيد ڪيو آهي.

هن چيو ته ڀارت سيد علي شاهه گيلاني جو مڙهه به وارثن کان کسي ورتو، جنرل اسيمبلي مطالبو ڪري ته سيد علي رضا گيلاني جي تدفين شهيدن جي قبرستان ۾ ڪئي وڃي.

سندس چوڻ هو ته ڀارت جون ڪشمير ۾ انساني حقن جون ڀڃڪڙيون جنيوا ڪنوينشن جي خلاف آهن.

وزيراعظم چيو ته پاڪستان ڀارت سان امن جو خواهشمند آهي جڏهن ته ڏکڻ ايشيا ۾ امن جو دارومدار ڪشمير مسئلي جي حل ۾ آهي.

عمران خان چيو ته 11 سيپٽمبر کان پوءِ ڪجهه حلقن اسلام کي دهشتگردي سان جوڙيو جنهن سبب کاٻي ڌر جي انتهاپسندي وڌي جڏهن ته اسلامو فوبيا جو اسان سڀني کي گڏجي مقابلو ڪرڻو پوندو.

هن چيو ته بي جي پي ۽ آر ايس ايس فاشسٽ نظريو پکيڙي رهيا آهن، ڀارت ۾ مسلمانن ۽ اقليتن جا انساني حق کسيا پيا وڃن.

سندس چوڻ هو ته اسان کي اسلامو فوبيا سان گڏيل طور منهن ڏيڻو پوندو، اسلامو فوبيا تي ضابطو آڻڻ لاءِ عالمي مڪالمو هجڻ گھرجي.

ان کان سواءِ وزيراعظم جو پنهنجي خطاب ۾ چوڻ هو ته افغانستان جي صورتحال جو آمريڪا ۽ يورپ ۾ ڪجهه ماڻهن پاڪستان کي ذميوار قرار ڏنو، افغانستان کان پوءِ جيڪڏهن ڪو سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيو ته اهو پاڪستان آهي.

عمران خان چيو ته آمريڪا کي چيو هو ته جنگ مسئلي جو حل نه آهي.

سندس چوڻ هو ته پاڪستان ۾ هن وقت 30 لک افغان پناهگير آهن، دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پاڪستان کي 150 ارب ڊالرن جو نقصان ٿيو جڏهن ته 80 هزار کان وڌيڪ جانيون قربان ڪيون ۽ افغانستان کان پوءِ جيڪڏهن ڪو ملڪ متاثر ٿيو ته اهو پاڪستان آهي.

وزيراعظم چيو ته جيڪڏهن دنيا کي ڄاڻڻو آهي ته طالبان واپس اقتدار ۾ ڇو آيا ته ڏسو 3 لک افغان فوج هٿيار ڦٽا ڪيا، دنيا تجزيو ڪري ته خبر پوندي ته طالبان جو وري اقتدار ۾ اچڻ پاڪستان جي ڪري نه آهي.

عمران خان خبردار ڪيو ته جيڪڏهن طالبان حڪومت کي دنيا تسليم نه ڪيو ته افغانستان ۾ هڪ ڀيرو وري دهشتگردي جو خدشو آهي.

سندس چوڻ هو ته دنيا کي ان هن وقت ڪورونا، معيشت ۽ موسمياتي تبديلي جا چيلينجز سامهون آهن جڏهن ته پاڪستان موسمياتي تبديلي سبب متاثر ٿيندڙ ملڪن مان هڪ آهي.

وزيراعظم جو چوڻ هو ته پاڪستان هاڻ ڪورونا تي وڏي حد تائين ڪنٽرول ڪرڻ ۾ ڪامياب رهيو ۽ سمارٽ لاڪ ڊائون جي خلاف اسان جي منصوبابندي ثبوت آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.