مٺياڻي لڳ گم ٿيل معصوم ٻارڙو هٿ نه آيو، وارثن کي اغوا شڪ

مٺياڻي ( ن ع آ ) مٺياڻي ٿاڻي جي حد ڳوٺ ليٽ ننگرخان چانڊيو جي رهواسي الهڏنو چانڊيو جو 2 سالا معصوم پٽ فهيم چانڊيو 3 ڏينهن گذرڻ بعد به هٿ نه اچي سگهيو امڙ کي بيهوشي جا دورا گهر ۾ ڪهرام متل نينگر جي  پيءُ رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته منهنجي ڪنهن سان به ڪا دشمني نه آهي، منهنجو پٽ گهٽي ۾ راند ڪرڻ دوران گم ٿي ويو، جنهن جي ڳولا پنهنجي ڳوٺ کان علاوا آس پاس جي ڳوٺن ۽ مٽن مائيٽن ۾  پڻ ڪئي آهي، پر سندس ڪوبه ڏس پتو نه پئجي سگهيو آهي، مون کي شڪ آهي ته هن کي ڪير اغوا ڪري کڻي ويو آهي هن وڌيڪ چيو ته مٺياڻي ٿاڻي تي رپورٽ داخل هئڻ جي باوجود مٺياڻي پوليس ڪابه اڳڀرائي نه ڪري سگهي نينگر جي پي پاران قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي آهي ته پٽ کي بازياب ڪرائي ڦهليل بيچيني ختم ڪئي وڃي.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.