نوابشاهه ۽ شهدادڪوٽ ۾ واپڊا جي نجڪاري واري فيصلي خلاف احتجاجي مظاهرا

نواب شاھ  ۽ شهداد ڪوٽ ۾ واپڊا ھائيڊرو اليڪٽرڪ يونين جي سڏ تي اداري کي خانگائڻ واري فيصلي خلاف احتجاجي مظآهرا ڪيا ويا ،  نوابشآهه ۾ واپڊا آفيس۾ انور چانڊيو سرور لاشاري اصغر خاصخيلي مير محمد خاصخيلي جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو ان موقعي تي ي اڳواڻن چيو ته اسان ڪڏ ھن به واپڊا کي پرائيوٽ ڪرڻ نه ڏينداسين ھي اسان جي ٻچن جي روزي آھي شهدادڪوٽ ۾  هائيڊرو يونين جي اڳواڻن علي محمد جتوئي,ايوب بروھي,گدا جمالي,علي بخش دايو,الله بخش ڀٽي,اميرجان جانوري ۽ ٻين چيو ته واپڊا ادارو ملڪ جو وڏو ادارو آهي جنهن جي ڪارڪنن ملڪ ۽ قوم لاءِ جانين جا نذرانا ڏنا آهن، جنهن کي نجڪاري ۾ تبديل ڪرڻ ڪنهن به صورت ۾ نه ڏينداسين,ھنن چيو ته نااھل حڪمران هاڻي ملڪ جي وڏي ۽ منافعي بخش اداري کي وڪڻي ملڪ کي ڪنگال ڪرڻ چاهين ٿا، واپڊا جي نجڪاري وارو عمل فوري طور تي رد ڪري پورهيتن ۾ پکڙيل بي چيني ختم ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.