”اردو ۽ انگريزي کانسواءِ شاهه لطيف جي شاعري جلد چائنيز ۾ به موجود هوندي“

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)سنڌ اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب ڪندي سنڌ جي تعليم کاتي واري وزير سيد سردار شاهه چيو آهي ته شاهه عبدالطيف جي شاعري جو انگريزي ۽ اردو ۾ ترجمو موجود آهي، جڏهن ته شاعري جي چائنيز ۾ ترجمي جو ڪم هلندڙ آهي.

سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ شاهه عبدالطيف ڀٽائي کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جو قرارداد گڏيل رضامندي سان منظور ڪيو ويو.

سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ خطاب ڪندي سردار شاهه چيو ته جنهن به شاهه عبدالطيف ڀٽائي تي ڪم ڪيو آهي انکي سندس ڪم جي حوالي سان هڪ ايوارڊ ڏنو ويندو آهي جنهن جو نالو ”لطيف“ ايوارڊ آهي.

سردار شاهه چيو ته شاهه عبدالطيف ڀٽائي جي شاعري کي اڻ ٽُٽ ورثو قرار ڏيڻ جي لاءِ ڪوششون جاري آهن.

هن چيو ته شاهه لطيف سائين غريب ۽ اٻوجهه ماڻهن تي شاعري ڪئي، ڏتڙيل ماڻهن تي شاعري ڪئي، لطيف جهڙو ڪردار دنيا ۾ڪو ٻيو ناهي.

ان موقعي تي سنڌ اسيمبلي جو اجلاس جمعي ڏينهن منجهند تائين ملتوي ڪيو ويو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.