قمبر ، کھڙا ، سکر ، ڄام صاحب ۽ ميروخان جون خبرون

قمبر : ڊرگھ ٿاڻي جي ايس ايڇ او جي مبينا زيادتين خلاف بليدي برادري پاران ڌرڻو

کهڙا: گمبٽ جو سينئير صحافي نديم اڄڻ مختلف بيمارين ۾ مبتلا ، ڪنهن سار نه لڌي

سکر : ڪاري ڪوٽ لاءِ اسان کي ھر قرباني ڏيڻي پوندي: پ پ اڳواڻ لطيف کوسا

ڄام صاحب: جساف ڪارڪن ذاڪر سھتو کي کنڀي گم ڪرڻ خلاف مظاهرو

ميروخان ۾ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي 33 ھين سالگره جي تقريب

1

قمبر  ۾ڊرگھ ٿاڻي جي ايس ايڇ او جي مبينا زيادتين خلاف بليدي برادري پاران  قمبر باءِ پاس روڊ تي ٽريڪٽر ٽراليون بيهاري ، ٽائرن کي باھ ڏئي روڊ بلاڪ ڪري احتجاجي ڌرڻو هنيو ويو ، ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن حاڪم بليدي عبدالرزاق بليدي ۽ ٻين ميڊيا کي ٻڌايو ته اسان جو زرعي زمين جي مالڪي تان شيخ برادري سان ڪورٽ ۾ مسئلو هلندڙ آهي  پر ڊرگھ ٿاڻي جي ايس ايڇ او عبدالسلام چانڊيو اسان جي مخالف کان رشوت وٺي اسان جي نيڪ مرد رئيس حامد علي بليدي کي گرفتار ڪري گم ڪري ڇڏيو آهي ۽ سندس بازيابي لاءِ اسان کان ڳري رشوت گهري رهيو آهي،  هنن ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ ۽ ڊي آءِ جي جي لاڙڪاڻي کان مطالبو ڪيو ته ايس ايڇ او ڊرگھ خلاف ڪارروائي ڪري سندن نيڪ مرد کي بازياب ڪرايو وڃي.

02

کهڙا لڳ ڳوٺ الهڏنو اڄڻ واسي گمبٽ جو سينئير صحافي نديم اڄڻ هن وقت ڪيترين ئي مختلف خطرناڪ بيمارين ۾ مبتلا ٿي بستر ي ڀِيڙو ٿي زندگي موت جي ٻه واٽي تي پهچي ويو، سنڌ حڪومت سميت تڪ جي چونڊيل نمائندن توڙي صحافتي تنظيمن به  سندس ڪا سار نه لڌي.  صحافي نديم اڄڻ جي وارثن ۽ کهڙا جي صحافين سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاه ۽ تڪ جي چونڊيل نمائندن کان صحافي نديم اڄڻ جو سرڪاري خرچ تي علاج ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو  ۽  چيو آھي ته صحافي نديم اڄڻ جو جلد سرڪاري خرچ تي علاج ڪرائي سندس حياتي بچائي وڃي

3

پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ وڪيل لطيف کوسا چيو آهي ته پاڪستان بار ڪائونسل جي چونڊ سڌي سنئين ٿيڻ گهرجي، ڪوئيٽا بار ايسوسيئيشن ۾ ٻن سالن کان من پسند وڪيل ويھاريا ويا آھن ، مونتي پابندي لڳائي وئي ھئي ته مان سياست نه ڪيان، ھاء ڪورٽ سکر بار ۾  وڪيل برادري  کي خطاب ڪندي لطيف کوسا چيو ته

ڪاري ڪوٽ لاء اسان کي ھر قرباني ڏيڻي پوندي ، ھن چيو ته ھاء ڪورٽ بار سکر سان وڏيون زيادتيون ٿي رھيون آھن، مسئلن جي حل  لاء اسان کي قدم کڻڻ جي ضرورت آهي.

4

ڄام صاحب جساف جي ڪارڪن ذاڪر سھتو کي کنڀي گم ڪرڻ خلاف جسقم نوابشاھ جي سينئر اڳواڻ سرفراز ميمڻ جسقم تعلقي صدر مصطفي ڏاھري ۽ شريف ڏنئور جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب ڄام صاحب آڏو احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو ، ان موقعي تي اڳواڻن تقرير ڪندي چيو تـ جساف ڪارڪن ذاڪر سھتو کي ڏينھن ڏٺي جو ڪراچي جي علائقي ڪورنگي مان کنڀي گم ڪيو ويو آھي جنھن جي اسان سخت لفظن م مذمت ڪيون ٿا ھنن جو وڌيڪ چوڻ هو تـ ذاڪر سھتو سميت سڀني کنڀي گم ڪيل ڪارڪنن کي فوري طور آزاد ڪيو وڃي ٻي صورت م انهن جو پرامن احتجاج جاري رھندو.

5

ميروخان: پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي 33 ھين سالگره جو ڪيڪ پيپلز يوٿ ونگ سٽي ميروخان طرفان تنيا ھائوس تي ڪاٽيو ويو ، سالگره تقريب ۾ پيپلز يوٿ ونگ ڪارڪنن سميت شھر جي نوجوانن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ، سالگره تقريب ۾ آيلن پيپلز يوٿ ونگ سٽي صدر عادل خان تنيو ضلعي انفارميشن سيڪريٽري اميد علي تنيو ،عرفان علي تنيو ،محمد فاروق جاگيراڻي ۽ ٻين چيو ته پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو شھيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شھيد راڻي جي ڏسيل واٽ تي ثابت قدمي سان جدوجھد ڪندڙ اڳواڻ آھي ھنن وڌيڪ چيو ته موجوده وفاقي سرڪار جي عوام دشمن پاليسين سبب  ملڪ جو عوام ھن وقت ٻه ويلا ماني کائڻ لاء پريشان ھجڻ سان گڏ پنھنجا ٻچا وڪڻڻ تي مجبور آهي.

 

 

 

 

 

 

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.