لياقت آسڪاڻي جي رئيس ڳوٺ آمد، شاندار آجيان

حب(رپورٽ:يار محمد بروهي) ايم پي اي ۽ وڏي وزير جي ڪچي آبادي هيومن سيٽلمينٽ بابت خاص معاون لياقت علي آسڪاڻي رئيس ڳوٺ پهتو، رئيس غلام سرور ۽ رئيس غلام مصطفيٰ سندس شاندار آڌرڀاءُ ڪيو، ان موقعي تي يوسي جي نئين چونڊيل ڪابينا سميت عوام جو وڏو انگ موجود هو، ڪارڪنن پاران گل نڇاور ڪيا ويا، ان موقعي تي لياقت آسڪاڻي رئيس غلام سرور ۽ رئيس غلام مصطفيٰ کي علائقائي مسئلن ۽ ترقياتي ڪمن تي هر ممڪن سهڪار جي خاطري ڪرائي ۽ چيو ته توهان جا مسئلا اسان جا مسئلا آهن، انهن کي جلد کان جلد حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.