مانجهند ۾ گندگي، شهري عذاب هيٺ، انتظاميا خلاف احتجاج

مانجهند (رپورٽ: بابو عمراڻي) مانجهند ۾ 3 ڏينهن اڳ ڪچري جي ڍير کي لڳل باه ۾  سڙي زخمي ٿيل 7 ورهين جي نينگر زاڪر حسين ميمڻ کي علاج جي سهولت نه  ملڻ ۽ گندگي جي آزار خلاف ميمڻ برادري طرفان زخمي نينگر کي ڪلهي تي ۽  هٿ ۾ بينر کڻي شاهي بازار مان ريلي ڪڍي اي سي آفيس آڏو نٽھڻ اس ۾ 2 ڪلاڪ ڌرڻو هنيو ويو ڌرڻي ۾ سياسي سماجي مذھبي تنظيمن جي اڳواڻن پڻ شرڪت ڪئي ان موقعي تي اڳواڻن زوار الطاف ميمڻ عاشق ميمڻ تعمير حسين ميمڻ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ت ٽائون انتظاميا جي نااهلي سبب شھر ۾ ڪچري جي ڍڳ ٿي ويا آھن هر طرف بدبوء ڦھليل آھي جنهن سبب ڪچري جي ڍير کي لڳل باه ۾ نينگر زاڪر حسين سڙي  زخمي ٿي پيو هو جنهن کي  تعلقه اسپتال مانجهند آندو پر سندس بهتر علاج نه ڪيو ويو اي سي مانجهند ٽائون آفيسر ايم ايس  مانجهند عوام کي صفائي ۽ صحت جو سهولتون ڏئڻ ۾ ناڪام ٿيڻ تي کين فوري طور هٽايو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.