پني ڀرسان ڳوٺ ۾ حملو، پوڙهي عورت سمت 3 ڄڻا زخمي

پنوعاقل (رپورٽ: نور محمد سومرو) پني عاقل جي ڪچي ڳوٺ عزيز پور ۾ ھٿياربندن جو پورھيت جي گھر تي حملو، پوڙھي عورت سميت 3 ڄڻا  زخمي، پنوعاقل ڀرسان ڳوٺ عزيز پور ۾ مھر برادري جي ھٿياربندن علي ڏنو، نثار، سائين ڏني ۽ ٻين پورھيت شبير احمد مھر جي گھر تي چڙھائي ڪري شبير ۽ سندس ڀاءُ امداد کي موت مار ڌمڪيون ڏيندي چيو ته زمين تان ھٿ کڻي وڃ نه ته توھان کي زمين ۾ پوري ڇڏينداسون، جنھن بعد ھٿياربندن ڪنداڪن جا ڌڪ ھڻي پوڙھي امڙ سميت ٽن ڄڻن کي زخمي ڪرڻ بعد ڌمڪيون ڏئي  ھليا ويا ھوڏانھون ايس ايڇ او رضا ڳوٺ رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته مان ڪچي ۾ ڪٻرن جي ڳوٺ ويل آھيان واپس اچي مامري کان آگاھ ڪندس،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.