ملير ۾ قديمي ڳوٺن جا بلڊر پاران لنگهه بند، زمين تي قبضو،ڳوٺاڻن جو احتجاج

ملير (ڊ.ر) فلڪ ناز بلڊر پاران قديمي ڳوٺن حاجي جبلي ڳوٺ، علي شير گبول ڳوٺ، شاهه محمد گبول ڳوٺ، محمد خان مري ڳوٺ جا رستا بند ڪرڻ ۽ زمينن تي قبضن خلاف ڳوٺاڻن ڪريم گبول، شبير احمد، عطا الله، شوڪت  گبول، نصير گبول ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ فلڪ ناز آڏو قومي شاهراهه تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جڏهن ته ڳوٺاڻن جي درخواست تي ملير ڪورٽ پاران ناظر مقرر ڪيو ويو، جنهن پهچي روڊن رستن جي ماپ ورتي، ان موقعي تي ڳوٺاڻن دانهيندي چيو ته اسان جا قديم ڳوٺ آهن، اسان پاڪستان ٺهڻ کان اڳ جا رهواسي آهيون، هنن چيو ته فلڪ ناز نالي بلڊر اسان جي قديمي ڳوٺن جي زمينن تي جعلي کاتا لڳائي قبضا ڪري رهيو آهي ۽ اسان جا لنگهه بند ڪري ڇڏيا آهن، ڳوٺاڻن وزيراعليٰ سنڌ، چيف جسٽس هاءِ ڪورٽ ۽ ٻين اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته فلڪ ناز خلاف ڪاروائي ڪري ڳوٺاڻن کي انصاف فراهم ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ وزيراعليٰ هائوس آڏو احتجاج ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.