نوابشاهه: رهواسين جو رهائشي اسڪيمن ۾ فراڊ خلاف احتجاج

نوابشاهه ۾ رهواسين پاران رهائشي اسڪيمن ۾ فراڊ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو
گلشن طارق ماڊل ٽائون ۽ ذوالفقار شاھ ٽائون جي سوين متاثرن لياقت علي چانڊيو، مير خان جمالي، عبدالڪريم ڄامڙو، مھر علي بروھي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ نوابشاھ پريس ڪلب آڏو هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي سماجي اڳواڻ پھلوان علي رند ۽ لياقت چانڊيو الزام هڻندي چيو ته گلشن ماڊل ٽائون ۽ ذوالفقار شاھ ٽائون جا مالڪ رھائشي اسڪيمن جي آڙ ۾ غريب مسڪين ماڻهن سان فراڊ ڪري ڪروڙين روپيا ھڙپ ڪري ويا آهن، ھنن چيو ته اسان سوين پلاٽ خريد ڪيا مڪمل ادائيگي ڪرڻ کانپوءِ بلڊر اسان کي رجسٽريون ڏيڻ بدران اسان جا خريد ڪيل پلاٽ ٻن ٻن ٽن ٽن پارٽين کي ٻيھر وڪرو ڪيا آھن، هنن مطالبو ڪيو ته اسڪيمن ۾ ڪيل فراڊ جي جاچ ڪرائي جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي .

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.