”عوام بجلي اگهن بابت صدارتي آرڊيننس رد ڪري ٿو“

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) بيورو آف سپلاءِ اينڊ پرائسز بابت وڏي وزير جي خاص مددگار ڊاڪٽر کٽومل جيوڻ چيو آهي ته پاڪستاني عوام گئس ۽ بجلي اگهن ۾ واڌ کي رد ڪري ٿو.

بجلي اگهن بابت صدارتي آرڊيننس تي ردعمل ۾ ڊاڪٽر کٽومل جيوڻ چيو ته اهو صدارتي آرڊيننس پاڪستانين کي منظور ناهي، پاڪستاني عوام گئس ۽ بجلي اگهن ۾ واڌ کي رد ڪري ٿو.

هن چيو ته گئس اگهن ۾ 37 سيڪڙو واڌ ۽ بجي اگهن بابت صدارتي آرڊيننس جاري ٿيڻ پاڪستاني معيشت جي وڌيڪ زوال جو سبب بڻجندو، مهانگائي جو طوفان برپا ٿي ويندو.

سندس چوڻ هو ته گئس ۽ بجلي اگهن ۾ واڌ غريب جو گذارو وڌيڪ ڏکيو ڪري ڇڏيندي، حڪومتي انگن اکرن موجب بيروزگاري جي شرح ۾ واڌ ٿي آهي، مهانگائي جي شرح ۾ واڌ سان عوام جي زندگي وڌيڪ ابتر ٿيندي پئي وڃي.

کٽومل جيوڻ چيو ته 50 لک گهر ۽ هڪ ڪروڙ نوڪريون ڏيندڙن پنهنجي پاليسين سان عوام کان روزگار کسي ورتو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.