عمر وڌڻ باوجود دماغ کي جوان رکڻ جا اصول

 

عمر وڌڻ سان گڏ هر ماڻهو جي دماغ ۾ تبديليون اچي وينديون آهن ۽ دماغ جي صحت به تبديل ٿي ويندي آهي.

عمر جي وڌڻ سان دماغي ڪمزوري هڪ عام ڳالهه آهي جنهن جو نتيجو پوڙهائپ ۾ الزائمر ۽ ڊيمينشيا جهڙي مرضن جي صورت ۾ ظاهر ٿي سگهي ٿو.

پر انسان جون ڪجهه اهڙيون عادتون آهن جيڪي عمر جي وڌڻ سان گڏ ذهني ڪمزوري کان تحفظ فراهم ڪري سگهنٿيون جڏهن ته ڪنهن ٽاسڪ دوران ڌيان ڏيڻ ۾ به مددگار ثابت ٿينديون آهن.

ڪجهه عام طريقن ذريعي توهان عمر جي وڌڻ باوجود دماغي ڪمزوري کان بچڻ ۾ ڪاميابي ماڻي سگهو ٿا.

تحقيقي رپورٽن ۾ ڏٺو ويو آهي ته دماغي ڪمزوريون دماغ جي سيلن ۾ نئين قسم جي لاڳاپن جي سلسلن کي متحرڪ ڪنديون آهن ۽ ممڪن طور تي نوان دماغ جا سيل به ٺهندا آهن.

جنهن سان دماغي لچڪ به پيدا ٿيندي آهي ۽ دماغي ڪمزوري کي نقصان کان حفاظت ملندي آهي.

ان حوالي سان ذهن کي متحرڪ رکڻ واري ڪا به سرگرمي مددگار ثابت ٿي سگهي ٿي مثال مطالعو ڪرڻ، نوان ڪورس، لفظي ڳجهارتون مثال حل ڪرڻ وغيره.

جيڪڏهن ڪنهن کي اهو سڀ ڪجهه ڪرڻ جو وقت ناهي يا دل نٿي چوي ته ڊرائنگ ڪري به اهڙا فائدا حاصل ڪري سگهجن ٿا.

تحقيقي رپورٽن مان ثابت ٿيو آهي ته جسماني طور تي متحرڪ رهڻ دماغ جي لاءِ به فائديمند آهي.

جانورن تي ٿيندڙ تحقيق ۾ ڏٺو ويو آهي ته جيڪي جانور جسماني طور تي متحرڪ هوندا آهن انهن جي ريت جي ننڍي رڳن ۾ واڌ ٿيندي آهي جيڪي دماغي حصن لاءِ فائديمند هونديون آهن.

ورزش ڪرڻ سان به نوان دماغي سيل ٺهڻ جو عمل تيز ٿيندو آهي ۽ دماغي سيلن جي وچ ۾ لاڳاپا وڌندا آهن.

جنهن جي نتيجي ۾ دماغ گهڻو لچڪدار، طاقتور ۽ صحتمند بڻبو آهي جڏهن ته جسماني سرگرمين سان بلڊ پريشر جي سطح ۾ گهٽتائي، ڪوليسٽرول ليول بهتر، بلڊ شگر کي برقرار رکڻ ۾ مدد ۽ ذهني دٻاءَ به گهٽبو آهي. اهي سڀ عنصر دماغ سان گڏ دل جي صحت لاءِ به مددگار ثابت ٿيندا آهن.

ان سان گڏ سٺي خوراڪ جسم سان گڏوگڏ ذهن کي تيز رکڻ ۾ به مددگار ثابت ٿيندي آهي.

مثال طور فروٽن، سبزين، مڇي، زيتون جو تيل ۽ نباتاتي پروٽينز تي ٻڌل غذائن جو گهڻو استعمال دماغ ۾ ڪمزوري ۽ ڊيمينشيا جي خطرن کي گهٽ ڪندو آهي.

وچولي عمر ۾ هاءِ بلڊ پريشر سان پوڙهائپ ۾ دماغي ڪمزوري جو خطرو وڌي ويندو آهي.

طرز زندگي سان به بلڊ پريشر کي گهٽائڻ ۾ مدد ملندي آهي.

جسماني وزن کي معمول تي رکڻ، ورزش کي معمول بڻائڻ، دٻاءَ کان بچڻ جي ڪوشش ۽ سٺي خوراڪ جي ذريعي بلڊ پريشر کي معمول تي رکي سگهجي ٿو.

انکانسواءِ شگر دماغي ڪمزوري جو سبب بڻجڻ واري مرض ڊيمينشيا جا خطرا وڌائڻ وارو اهم عنصر آهي.

پر سٺي ڳالهه اها آهي ته سٺي خوراڪ، جسماني طور سرگرم رهڻ ۽ جسم جي وزن کي ضابطي ۾ رکي ذيابطيس کان بچڻ ممڪن آهي.

نقصانڪار سمجهيو ويندڙ ايل ڊي ايل ڪوليسٽرول کي به ڊيمينشيا جا خطرا وڌائڻ وارو عنصرو سمجهيو ويندو آهي.

غذا، ورزش، جسم جو وزن گهٽ ڪرڻ ۽ سگريٽن جي واهپي کان پاسو ڪري ڊگهي عرصي تائين جي بنيادن تي ڪوليسٽرول جي سطح کي بهتر بڻائي سگهجي ٿو.

سگريٽ يا تماڪ واپرائڻ جي نقصانن بابت ٻڌائڻ وڌيڪ ضروري ناهي ڇو جو سڀ ڪنهن کي انهن جي نقصانن بابت خبر آهي، ڦڦڙن کانسواءِ به اها عادت سڄي جسم جي لاءِ گهڻي نقصانڪار آهي.

دماغ تي سگريٽ نوشي جا ناڪاري اثر پوندا آهن ۽ دماغي ڪمزوري جو سفر تيز ٿي ويندو آهي.

جيڪي ماڻهو ذهني طور بيچيني، مايوسي، ننڊ جي گهٽتائي يا ٿڪاوٽ جو شڪار هوندا آهن اهي ذهني قابليت واري ٽيسٽن ۾ به ناقص ڪارڪردگي ڏيکاريندا آهن.

ماڻهن سان مضبوط لاڳاپا ڊيمينشيا جي خطرن کي گهٽائيندا آهن جڏهن ته اهڙي عمل سان بلڊ پريشر جي سطح ۾ به گهٽتائي ايندي آهي.

سڀ کان اهم عادت آهي سٺي ۽ صحيح وقت ۾ ننڊ ڪرڻ

جڏهن توهان ٿڪل هوندا آهن ته شين ڏانهن ڌيان ڏيڻ ڏکيو بڻجي ويندو آهي ۽ جڏهن ڪجهه سکڻ کانپوءِ ننڊ جا مزا ماڻيندا آهيو ته اهڙي عمل سان دماغ کي نئين معلومات کي منظم بڻائڻ ۾ مدد ملندي آهي ته جيئن ضرورت پوڻ تي انهن کي ياد ڪري سگهجي.

رات جي وقت سٺي ننڊ ياد داشت ۽ انساني مزاج جي لاءِ به گهڻي فائديمند آهي، بالغ ماڻهن کي هر رات 7 کان 8 ڪلاڪ ننڊ ڪرڻ گهرجي جنهن دوران دماغ پنهنجي صفائي ڪري نقصانڪار شين کي ٻاهر ڪڍي ڇڏيندو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.