پشاور ۾ گهر ڀاتين عورت ۽ مرد کي ڦاهي ڏئي ڇڏي

 

پشاور (ويب ڊيسڪ) پشاور جي ٿاڻي دائودزئي جي علائقي ۾ هڪ مرد ۽ عورت کي ڦاهي ڏئي ماريو ويو.

پوليس موجب وارثن ٻنهي کي ڦاهي ڏني، عورت کي خاموشي سان دفنايو ويو، جڏهن ته مرد جي تدفين دوران پوليس کي علم ٿيو ته لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرايو ويو، جنهن سان مرد کي ڦاهي ڏيڻ جي تصديق ٿي.

پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي پر اڃا تائين ڪيس داخل ناهي ٿي سگهيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.