اردو کي سرڪاري ٻولي طور لاڳو نه ڪرڻ تي وفاقي حڪومت کان جواب طلب

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ اردو ٻولي کي سرڪاري طور لاڳو نه ڪرڻ تي وفاقي حڪومت کان جواب طلب ڪري ورتو.

اردو کي سرڪاري ٻولي طور لاڳو نه ڪرڻ بابت توهين عدالت جي درخواست تي سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي ٿي.

جسٽس عمر عطا بنديال ريمارڪس ڏنا ته مادري ۽ قومي ٻولي بنا اسان سڃاڻپ وڃائي ويهنداسين، منهنجي راءِ ۾ اسان کي فارسي ۽ عربي ٻوليون به سکڻ گهرجن.

عدالت چيو ته سپريم ڪورٽ 2015 ۾ اردو کي سرڪاري ٻولي طور لاڳو ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو، وفاقي حڪومت اردو کي سرڪاري ٻولي طور لاڳو ڪرڻ ۾ ناڪام رهي.

سپريم ڪورٽ اردو کي سرڪاري ٻولي طور لاڳو نه ڪرڻ تي وفاقي حڪومت کان جواب طلب ڪري ورتو.

عدالت پنجابي ٻولي صوبي ۾ لاڳو نه ڪرڻ تي پنجاب حڪومت کان به جواب گهري ورتو.

سپريم ڪورٽ چيو ته آئين جي آرٽيڪل 251 ۾ قومي ٻولي سان گڏ مقامي ٻولي جو به ذڪر آهي، پنجاب ٻولي لاڳو نه ڪرڻ تي پنجاب حڪومت کي به نوٽيس ڏئي رهيا آهيون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.