سلمان خان ۽ سنجي دت ۾ ماڌوري جي ڪري اڻ بڻت

 

ممبئي (ويب ڊيسڪ) اها ڳالهه ڪنهن کان لڪيل ناهي ته ماضي ۾ ڪيتري عرصي کان باليووڊ جي ٻن وڏن ستارن سلمان خان ۽ سنجي دت ۾ ڇڪتاڻ رهي.

هونئن ته سنجي دت سدائين سلمان خان کي پنهنجو ننڍو ڀاءُ سمجهي ساڻس مخاطب ٿيندو رهندو آهي پر اوچتو اهڙي ڪهڙي ڳالهه ٿيجنهن جي ڪري ٻنهي جي وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو ۽ اها ڳالهه ميڊيا کان لڪي نه سگهي.

ڀارتي ميڊيا جي رپورٽ موجب مبينا طور تي ٻنهي جي وچ ۾ پيدا ٿيل ڇڪتاڻ جو سبب اداڪارا ماڌوري ڊڪشت هئي، پر هاڻي سوال اهو آهي ته معاملي جي شروعات ڪٿان ٿي؟

ماضي ۾ سنجي دت ۽ ماڌوري مبينا طور تي هڪٻئي کي پسند ڪندا هئا ۽ ٻنهي وچ ۾ ويجهو رشتو به هيو، جيڪو ڪن سببن جي ڪري ختم ٿي ويو.

ماڌوري کي جڏهن خبر پئي ته سنجي دت جي زندگي تي فلم ٺاهي پئي وڃي ته ان اداڪار سلمان خان سان رابطو ڪيو، ماڌوري چاهي پئي ته سلمان خان سنجي کي ان ڳالهه لاءِ راضي ڪري ته سندس زندگي تي ٻڌل فلم نه ٺاهي وڃي.

جيڪڏهن ائين ٿيو ته ماڌوري جو نالو فلم ۾ سنجي دت سان ڳنڍجي ويندو، جيڪو اداڪارا بلڪل نه پئي چاهيو، سلمان خان جڏهن سنجي سان ڳالهايو ته ان اهڙي ڳالهه کان کيس سڌو جواب ڏئي ڇڏيو ۽ دبنگ خان سنجي دت سان ڳالهائڻ ئي بند ڪري ڇڏيو.

ان ڇڪتان ان وقت شدت اختيار ڪئي جڏهن سنجي جي زندگيءَ تي فلم ٺاهڻ جي لاءِ اداڪار رنبير ڪپور کي ڪاسٽ ڪيو ويو، جيڪو ان وقت سلمان جي مبينا اڳوڻي گرل فرينڊ اداڪارا ڪترينه ڪيف جو بواءِ فرينڊ هو.

رپورٽ موجب في الحال ٻنهي ادارن جي وچ ۾ لاڳاپا بهتر ناهن، سلمان خان ڪجهه هفتا اڳ سنجي دت جي 62 هين سالگرهه جي موقعي تي پراڻي تصوير شيئر ڪري کيس سالگرهه جون مبارڪون پڻ ڏنيون.

ياد رهي ته ماڌوري ڊڪشت سلمان خان ۽ سنجي دت سان گڏ 1991 ۾ فلم” ساجن“ ۾ به گڏ ڪم ڪري چڪي آهي ۽ اداڪارا کي سلمان خان جي ويجهي ۽ سُٺي دوست قرار ڏنو ويندو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.