لاڙڪاڻي ۾ نصير آباد آباد واسي پيرسن جو پوٽن سميت احتجاج

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي ۾ نصير آباد تعلقي جي ڳوٺ سوني جويو واسي پيرسن پنهنجي پوٽن ۽ پوٽين سان گڏجي زرعي زمين ۽ پلاٽ تي مبينا قبضي خلاف پريس ڪلب اڳيان هٿن ۾ بئنر کڻي احتجاج ڪيو. ان موقعي تي پيرسن پيربخش جويو صحافين آڏو دانهيندي الزام لڳايو ته ڳوٺ علي شير ڏيپر جي رهواسي پاڪستان پيپلز پارٽي جي بااثر اڳواڻ مينهون ڏيپر پنهنجي هٿياربندن ڳوٺ الهه رکيو جلباڻي واسي غلام حسين، مصري خان، خادم، ديدار جلباڻي، ممتاز احمد خان، گلزار تونيو ۽ ٻين سان گڏجي منهنجي ديهه کڏهري تعلقي نصيرآباد ۾ 2 ايڪڙ 31 گهنٽه زرعي زمين ۽ پلاٽ تي قبضو ڪيو جنهن قبضي کي ٽي سال ٿي ويا آهن پر هن وقت تائين قبضو ختم ٿي نه سگهيو آهي ويتر گذريل 8 جون تي بااثرن منهنجي پٽ مٿان حد جي گاجي کهاوڙ ٿاڻي تي جهيڙي جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪرائي زرعي زمين ۽ پلاٽ جي مالڪي تان هٿ کڻڻ لاءِ حراسان ڪري رهيا آهن جيڪا وڏي ناانصافي آهي. هن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ کي اپيل ڪئي ته زرعي زمين ۽ پلاٽ تان قبضو ختم ڪرائي انصاف فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.