ٽنڊي محمد خان ۾سماجي برائيون وڌي ويون، ايس اين پي جو احتجاج

ٽنڊومحمدخان ( ڊ ر) ٽنڊومحمدخان ۾ سنڌ نيشنل پارٽي پاران ضلعي ۾ وڌندڙ سماجي برائين خلاف اسٽيشن روڊ تي ڪارڪنن پاران علامتي بک هڙتال سخت نعريبازي ڪاروائي جو مطالبو خبرموجب ، ٽنڊومحمدخان ضلعي ۾ وڌندڙ سماجي برائين خلاف سنڌ نيشنل پارٽي جي اڳواڻن ضلعي صدر دودو هاليپوٽو . عبدالفحيظ سومرو ، حمزا سومرو۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪارڪنن پاران بک هڙتال ڪئي ويئي، انهي موقعي ته صحافين سان ڳالهائيندي اڳواڻن چيو ته ٽنڊومحمدخان ضلعي ۾ وڌندڙ سماجي برايون ۽ بدامني چوٽ چڙهيل آهي ،   شيخ ڀرڪيو ۾ سنڌ جو وڏي ۾ وڏو جوا جو اڏو پيپلز پارٽي تعلقي صدر غلام حيدر شاهه جي سرپرستي هيٺ سرعام هلي رهيو آهي پوليس خاموش تماشائي بڻيل آهي ،  هنن چيو ته ٽنڊو آدم ۾ سنڌ جو سڀ کان وڏو جوا جو اڏو بند ٿيڻ کانپوءِ هاڻي اهو اڏو شيخ ڀرڪيو ۾ هلي رهيو آهي ، جوا جو اڏو هلڻ ڪري علائقي ۾ ڏوهن جون وارداتون روزانو جون معمول بڻجي ويون آهن ، هنن وڌيڪ چيو ته پيپلز پارٽي جا اڳواڻ جوا جا اڏا هلائي سرعام رشوت ۽ ڀتا خوري ڪري رهيا آهن هنن ضلعي انتظاميه کي فوري طور ڪاروائي جو مطالبو ڪندي جوا جي اڏي کي هميشه لاءِ ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي ٻئي پاسي بک هڙتالي ڪيئمپ تي ايس يو پي جي ضلعي صدر پپو ذوالفقار بڙڳڙي ، سليم هاليپوٽو، جسقم اڳواڻ جاويد هاليپوٽو ، فرحان ٻرڙو صوفي حامد سنڌي سميت ضلعي جي سياسي سماجي اڳواڻن بک هڙتالي ڪيئمپ تي اچي سنڌن حمايت جو اعلان ڪيو ۽ چيو ته جيڪڏهن ضلعي انتظاميه سماجي برائين جو فوري طور تي خاتمون نه آندو ته پوري ضلعي اندر سخت احتجاجي ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.