خيرپور ۾سئي گئس جو بحران، رهواسين جو احتجاج

خيرپور (رپورٽ : شاهد سيال ) خيرپور شهر جي مختلف محلن ٻٽرو محلو. شهيد آباد ڪالوني .ٽالپور ڪالوني الطاف ڪالوني،عابد ڪالوني ،گاڙهي پل .بچل شاهه محلو .سوڪ سينٽر، بابو شاهه محمد ڪالوني .اسٽاف ڪواٽر. غريب آباد محلو .بخاري محلو . جيلاني محلا،ڏٻر محلو .مصطفيٰ ڪالوني .اوستو گاهي محله. لقمان محله .اعظم ڪالوني. فيض آباد ڪالوني . سليم آباد ڪالوني ..مل ڪالوني .جناح ڪا لوني .شيشم ڪالوني، لطيف ڪالوني .شهباز ڪالوني .نظاماڻي محله .سائده ڳوٺ.جيلاني محله .علي مراد محله . ميمڻ محله .مير اعلي بازار .حيدري محله .شاهي بازار.۽ ٻين ڪالونين ۽ محلن ۾گذريل ڪيترئي عرصي کان سئي گئس جو بحران جاري آهي،  جڏهن ته سئي گيس نه هجڻ سبب هڪ طرف شهري مهانگي  اگهه تي ڪاٺيون خريد ڪري پنهنجو چلهو ٻاري رهيا آهن ۽ ٻئي طرف ڪيترائي شهري مجبورن هوٽلن تان ماني خريد ڪرڻ تي مجبور ٿي مهانگي اگهه تي ماني خريد ڪري رهيا آهن،جڏهن ته سوئي گيس نه هجڻ سبب روزانو صبح جو اسڪولن ويندڙ شاگرد،معصوم ٻارڙا ، استاد ، ملازم توڙي پورهيت خبقو مزدوري ڪندڙ بغير ناشتي جي سئي گيس کاتي جي ملازمن کي پٽون پاراتا ڏئي گهران نڪري وڃن ٿا . هن سلسلي ۾ اڳواڻن حاجي يار محمد خان مڱڻيجو ،ايڊوڪيٽ زين العبادين ميتلو  ۽ ٻين صحافين کي  ٻڌايو ته گذريل ڪيتريئي عرصي کان  اسان جي گهرن ڏانهن ايندڙ سئي گيس جا وال بند ڪري گيس  هوٽلن ۽ سي اين جي وارن کان پيسا وٺي انهن کي فل پريشر سان ڏني وڃي ٿي گيس نه هجڻ سبب شهري سخت پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن،ايل پي جي جا اگهه به آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيا آهن ۽ ڪاٺيون به مهانگيون آهن، هنن  چيو ته اسان ڪيترائي ڀيرا احتجاج ڪيا آهن پر سئي گيس کاتي راشي آفيسرن جي ڪن تي جوءِ به نه ٿي چري . هنن وزيراعظم پاڪستان کان مطالبو ڪيو ته گهرن ڏانهن وينڌر گيس جا وال بند ڪندڙ آفيسرن خلاف ڪاروائي ڪري شهرين کي سهولت فراهم ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.