زرعي يونيورسٽي آفيسرس تنظيم خلاف سازش ٿي رهي آهي:اڳواڻ

ٽنڊوڄام (پ ر) سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي آفيسرس ايسوسئيشن جي جنرل سيڪريٽري نصرت علي چانڊيو پنھنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آھي ته ڪجهه عناصر آفيسرس ايسوسئيشن جي نالي کي استعمال ڪندي انتظاميه ۽ ٻين ادارن کي گمراھه ڪرڻ جو عمل شروع ڪيو آھي، سندن اھڙي عمل جو مقصد زرعي يونيورسٽي جي آفيسرن ۽ ايسوسئيشن جي سرگرمين کي متاثر ڪرڻ آھي، جن کي ڪنھن به صورت ڪامياب ٿيڻ نه ڏنو ويندو، ھن چيو ته سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۾ 11 آگسٽ 2021 تي آئين طريقي سان آفيسرس ايسوسئيشن جي چونڊ ڪرائي وئي، جنھن ۾ سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام، زيڊ اي ڀٽو زرعي ڪاليج ڏوڪري، خيرپورڪاليج آف ايگريڪلچر انجنئرنگ خيرپورميرس ۽ زرعي يونيورسٽي سب ڪئمپس عمر ڪوٽ جي سوين آفيسرن فرينڊز يونائيٽيڊ الائينس تي مڪمل اعتماد جو اظھار ڪيو جن پنھنجي ووٽ جو حق استعمال ڪندي اسان جي پوري پينل کي ڪامياب بڻايو پر رياست ڪٻر, اشرف رستماڻي پنهنجي چار ساٿين سان گڏجي رات جي پيٽ ۾ آفيسرس ايسوسئيشن جي ھٿ ٺوڪي باڊي ٺاھي آھي جنھن سان يونيورسٽي جي آفيسرن جو ڪو به تعلق ناھي، ھي عناصر پنھنجا مفاد ماڻڻ لاءِ يونيورسٽي انتظاميه ايسويئسشن جي رجسٽريشن ڪندڙ جوائنٽ اسٽاڪ ڪمپنيز ۽ اڪائونٽس کولڻ لاءِ بينڪ کي گمراھه ڪري رھيا آھن، ھن چيو ته ماضي ۾ به رياست ڪٻر ۽ اشرف رستماڻي آفيسرس ايسوسئيشن کي وڏو نقصان رسايو انهن جي غيرقانوني عملن سبب آفيسرس ايسوسئيشن غير فعال رھي آھي ۽ آفيسرن جا مسئلا رولڙي جو شڪار رھيا، اھي عناصر ھن وقت ٻيھر پنھنجا هربا ھلائي آفيسرس ايسوئيشن کي ڇيھو رسائڻ چاھن ٿا پر کين ڪنھن به صورت ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.