تبديلي سرڪارمهانگائي ڪئي آهي: حزب الله ٻگهيو

ڏوڪري ( ن ع آ ) پ پ ايم پي اي سردار حزب الله خان ٻگهيو  چيو آهي ته آمرن جي دور ۾ به ميڊيا آزاد رهي، تبديلي سرڪار کي اھڙا غلط فيصلا نه ڪرڻ گهرجن،تبديلي جي نالي جڙيل سرڪار پيٽرول مھانگو ڪري عوام کي ويتر مھانگائي جي ڌٻڻ ۾ ڌڪي ڇڏيو آھي اھڙو اظهار هن ڪالهه ڏوڪري ۾ ٻگهيا هائوس تي عوامي مسئلن جي حل لاءِ ڪوٺايل گڏجاڻي دوران خطاب ۽ ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي چيو ته پ پ  جمھوريت لاءِ ڊگهي عرصي کان جدوجهد ڪندي رهي آهي، ھن چيو ته تڪ ۾ عوام جي بنيادي مسئلن جي حل کانسواءِ رڪارڊ ترقياتي ڪم ڪرايا آهن، غريب مسڪينن کي روزگار ڏنو آهي ۽ اسان جو مقصد غريب مسڪين ماڻهن خوشحالي آهي.ان  موقعي تي مرتضيٰ خان ٻگهيو، قاضي جميل احمد جوڻيجو، محمد علي راڄپر،  صحافي محمد رمضان جوڻيجو، شمن خان جوڻيجو غلام اڪبر جوڻيجو، محمد نواز ٻگهيو  امداد علي ساريو  ؛قاضي ديدار،نثار احمد جتوئي، اطهر ميمڻ ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.