قمبر ۾شهرين جو صفائي نه ٿيڻ خلاف احتجاج

قمبر (ڊ ر) قمبر فرينڊس ويلفيئر ائنڊ ڊولپمينٽ سوسائٽي پاران  اڄ 12 ڏينهن به شهر جي گهربل صفائي نه هجڻ خلاف شهداء چؤنڪ تي سڪندر جهنڊيل، اياز جمال چانڊيو،شاعراشفاق چانڊيو،خالد حسين مارفاڻي، سماجي ڪارڪن علي زيب گوپانگ،غلام عباس چانڊيو، ايڊو وڪيٽ طارق احمد چانڊيو،ليکڪ شڪيل چانڊيو، اختيار علي لاشاري ڄڻ اڄ اعلانيل احتجاج ۾ شريڪ ٿيا ۽ ميونسپل انتظاميا خلاف اڄ ٻارهين ڏينهن به ميونسپل آڏو ڪفن پائي ۽ وات تي ڪاريون پٽيون ٻڌي خاموش احتجاج  قمبر۾ فرينڊس ويلفيئر طرفان ميونسپل عملي خلاف قمبر ضلعي هيڊ ڪوارٽر جي هر هڪ گهٽي رستن،قبرستانن ۾ پيل گند ڪچرو،روڊن ۽ رستن نالين جي وھندڙ بدبوءِ دار پاڻي سبب عوام وڏي عذاب کي منهن ڏئي رهيو آھي جڏهن ته ميونسپل انتظاميا ۾ عملي جي کوٽ ۽ گهر ويٺي پگهارون وٺڻ سان گڏ ويزا سسٽم تحت ملازمن کان ڀتو وصول ڪري ضلعي هيڊ ڪوارٽر جي ڀينگ ڪئي وئي آھي۔هنن وڌيڪ چيو ته هي ذميوار سنڌ حڪومت جي آھي ناڪام ۽ نا اهل افسر شاهي سڀ ٺيڪ جو رينگٽ ڳائڻ  سبب عوام جي آنهون ۽ دانهون ٻڌيون اڻ ٻڌيو ڪيو ويٺا آهن اڳواڻن شهر جي مڪمل صفائي ٿيڻ تائين روزانو ڌرڻو جاري رکڻ جو وچن  پڻ ورجايو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.