مٽياري ۾ ڊگهي لوڊشيڊنگ، شهري عذاب هيٺ

مٽياري (ڊ ر)مٽياري ۾ 18 کان 20 ڪلاڪن جي غير اعلانيان لوڊشيڊنگ عوام جو دانهون ڪڍي ڇڏيون، واپڊا وارا چوري جا ڪنيڪشن ڏئي ٽي هزار رپيا في گهر اڳاڙي ڪرڻ لڳا, جنهن ڪري اضافي لوڊ پوڻ سبب بار بار سسٽم ٽرپ ٿيڻ تارن کي باه لڳڻ ٽرانسفارمر سرڻ روز جو معمول بڻيل, شهرين جو چوڻ آهي ته بجلي جون تارون ڪيترائي سال پراڻيون ۽ ناڪارا آهن, مٿان وري حيسڪو جا ڪرپٽ ملازم پنهنجي طرفان غير قانوني ڪنيشن ڏيو في ڪنيڪشن ٽي هزار کان پنج هزار رپيا وٺن ٿا, جنهن جي ڪري بار بار بجلي جا جهٽڪن سبب ٽرانسفارمر سرڻ تارن کي باه لڳڻ روز جو معمول بنجي چڪو آهي, مگر واپڊا وارن جون ساڳيون من مستيون جاري آهن. پاڪستان ۾ هوئن ته هر اداري ۾ ڪرپشن ظلم بيواجبيون انتها تي آهي پر حيسڪو انتها جون سڀ حدون پار ڪري عوام کي جيئري ماري وڌو آهي, سڄو ڏينهن بجلي جي کول بند ۽ چار چار ڪلاڪ مسلسل بجلي جي بندش هتي جا ڪاروبار سان گڏ تعليمي نظام به تباه ڪري بيروزگاري جي واڌ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي, شديد گرمي ڏينهن رات حبس ۽ بار بار بجلي جي جهٽڪن جي ڪري فرج اي سي ۽ ٻين قيمتي سامان جي نقصان هتان جي ماڻهن کي نفصيات جو مريض ڪري ڇڏيو آهي, عورتون ٻارڙا پوڙها نوجوان دانهون ڪندي حڪمرانن کي اها اپيل ڪري رهيا آهن ته خدارا واپڊا وارن جي ظلم چوري جو ڪو نوٽيس وٺي عوام کي ڪجه رليف ڏنو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.