ڪراچي: بلوچستان ۾ سخت محرومين جي ڊگھي لسٽ آهي: شيري رحمان

پيپلز پارٽي جي سينيٽر شيرين  رحمان چيو آهي  ته بلوچستان ۾ سخت محرومين جي ھڪ ڊگھي لسٽ آهي جيڪا ميڊيا تي رپورٽ ئي نه ٿي ٿئي،اظهار جي آزادي تي پابندي نه هئڻ گهرجي، ڪراچيء جي ھڪ مقامي ھوٽل ۾ نامياري ليکڪ ۽ انساني حقن واري ڪميشن جي اڳواڻ حارث خليق جي ترتيب ڏنل ڪتاب Pakistan Here and Now جي مھورتي تقريب کي خطاب ڪندي شيرين  رحمان جو چوڻ هو  ته اسان جي سماج ۾ گھٽ ماڻهو آهن جيڪي ثقافت کي سمجھن ٿا،  اڄ عالمي سطح تي ڪلچر وار ھلي رھي آهي، سياسي ماڻهو ثقافت تي سياست ڪن ٿا، ثقافت کي دٻائڻ سان اها  مري ويندي، ھائيڊ پارڪ ته اسان وٽ موجود آهي پر سافٽ پارڪ ھن چيو ته  نئين نسل جو رشتو سمارٽ فون سان جڙي ويو آهي ڪتابن سان رشتو ئي ناھي، تنقيدي ڪتاب ء تنقيدي سوچ کانسواء ڪجھ ئي ممڪن ناھي ، هن چيو ته  اسان کي جيئڻ ڏيو اسان جي اظھار جي آزادي تي پابندي نه لڳايو، تقريب کي خطاب ڪـندي غازي صلاح الدين چيو ته ھن ڪتاب ۾ ايڪانامي جو مضمون شامل ناھي جيڪو شامل ھجڻ گھرجي ھا ،ھن چيو ته نوجوانن کان پڇو ته پاڪستان کي ڪيترو سڃاڻو ٿا، پاڪستان ڇا آهي ڪيترين شين ۾ اڳتي آهي ۽ ڪيترين شين ۾ پوئتي وڃي رھيو آهي،  پاڪستان آبادي جي لحاظ کان ستين نمبر کان پنجن نمبر تي اچي ويو آهي، اسان مسلسل پوئتي وڃي رھيا آھيون ھن ملڪ اندر سوچ شعور جي گھٽتائي آهي اسان تاريخ کان منهنجي لڪايون ٿا.ڊاڪٽر اسد سعيد چيو ته ھن ڪتاب اندر حسن زيدي جو لکيل مضمون دلچسپ آهي ، خليق رحمان جو چوڻ ھيو ته ھي ڪتاب انگريزي ۽ اردو ٻولي ۾ اچي ويو آهي ڪوشش ڪري رھيا آھيون ته سنڌي ۾ ترجمو  ڪري ڇپرايون ،

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.