مٽياري ۾ بااثرن جي زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو

مٽياري  ( ت ر ) ھالا باءِ پاس جي رھواسي نورحسين ملاح، ربڏنو ملاح ، غلام قادر ملاح ، رياض علي ملاح ، بشارت ملاح ۽ زاھد ملاح مٽياري پريس ڪلب تي داھيندي الزام ھنيو آھي تہ اسان جو پاڙيسري مير محمد ملاح سان ڪافي عرصي کان سڱاوتي مسئلو ھلندڙ آھي جنھن سبب ھن اسان تي ڪيئي ڀيرا ڪوڙا ڪيس ۽ ڪوڙيون درخواستون ڪيون آھن جيڪي اڳتي ھلي ڪوڙيون ثابت ٿيون ۽ ڪورٽ اسان کي تحفظ ڏيڻ جو آرڊر ڏنو ھاڻي ڪجھ ڏينھن پھريان ھڪ سپاھي اسان جي در تي آيو ۽ چيو تہ اوھان جي خلاف درخواست آئي آهي سڀاڻي پنج ئي ڀائر ڊي ايس پي ڪمپلين اڳيان حاضر ٿيو اسان مزدور ماڻھو آھيون روز مڇي ماري گذر سفر ڪيون ان ھوندي بہ اسان مزدوري ڇڏي ايس ايس پي آفيس مٽياري ۾ پھتاسين ۽ ڪمپلين سينٽر ۾ وياسين تہ اتي ڊي ايس پي ڪمپلين سيل الطاف آرائين اسان کان نہ بيان ورتو نہ ڪا ڳالھ ڪئي پھچن سان ئي پڇيائين تہ اوھان مان رياض ملاح ڪھڙو آھي اصل ۾ رياض فريادي جو نياڻو آھي جڏھن رياض ملاح پنھنجو تعارف ڪرايو تہ ڊي ايس پي ڪمپلين آفيس ۾ ئي رياض کي سخت تشدد جو نشانو بڻائيندي گارگند ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.