ڪراچي ۾ريلوي يونين جو مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج

ڪراچي (رپورٽر) ريلوي ٽريڊ يونينز ۽ ايسوسيئشن تي مشتمل گرينڊ الائينس تحت ريلوي جي نجڪاري، مسافرن ۽ مال بردار ٽرينن جي آئوٽ سورسنگ، ريلوي اسپتالن ۽ اسڪول جي وڪري، پرائيويٽ سيڪٽرز مان صلاحڪار مقرر ڪرڻ، ملازمن کي برطرف ڪرڻ ۽ انتقامي ڪارروائين خلاف سڄي ملڪ ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا، ان حوالي سان ڪراچي ڪينٽ اسٽيشن تي به احتجاج ڪيو ويو، جنهن ۾ ريلوي ملازمن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. مزدورن محمد نسيم رائو، منظور احمد ملاح، منظور احمد رضي، ڪامريڊ مجيد سولنگي، مشتاق احمد ٻرڙو، صابر تنولي، شمس پرويز  ۽ ٻين چيو ته پراڻن ناڪام تجربن کي ورجائي عوام مفاد جي هن قومي اداري کي تباهه ڪيو پيو وڃي، ريلوي بورڊ کي غير فعال ڪري ان کي هلائڻ لاءِ ريلوي سان اڻ لاڳاپيل ماڻهن کي وڏي پگهارن تي رکيو ويو آهي، جن کي ريل هلائڻ جو ڪو به تجربو ناهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.