پاڪستان رينجرز ۾ وڏي قد وارو اهلڪار

لاهور(ويب ڊيسڪ) پاڪستان رينجرز جي تاريخ ۾ سڀ کان وڏي قد وارو اهلڪار ماڻهن جي ڌيان جو مرڪز بڻجي رهيو آهي.

24 سالن جي عبدالوحيد جو قد 7 فوٽ 4 انچ ۽ سينو 42 انچ آهي، انکي سندس وڏي قد جي ڪري رينجرز ۾ ڀرتي ڪيو ويو هو.

7 فوٽ 4 انچن جي قد وارو هي اهلڪار هن وقت پنجاب رينجرز جي هيڊ ڪوارٽرز ۾ فرض سرانجام ڏئي رهيو آهي.

عبدالوحيد جا پير 18 انچن جا آهن ۽ وڏي قد ۽ وڏي پيرن جي ڪري عبدالوحيد واهگا بارڊر پريڊ ۾ حصو نٿو وٺي سگهي.

قدآور اهلڪار ٻڌايو ته هو ناشتي ۾ 3 پراٺا، 4 آناد ۽ هڪ ڪلو کير پيئندو آهي، انکانسواءِ ماني ۾ هو ٻوڙ جون چار پليٽون ۽ 6 مانيون کائي ويندو آهي.

سندس چوڻ هو ته هو وطن جي دفاع کي زندگي کان وڌيڪ عزيز سمجهي ٿو، وطن جي دفاع ۾ زندگي قربان ٿي وئي ته انکي فخر ٿيندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.